سنڌ اسيمبلي ۾ ناموس رسالت صلي الله عليه وسلم بابت گڏيل ٺهراءُ منظور

0
251

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ ناموس رسالت صلي الله عليه وسلم بابت گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو، ٺهراءُ صوبائي وزير ناصر شاهه ۽ ٻين ميبرن گڏيل طور تي پيش ڪيو، ٺهراءُ تي خطاب ڪندي ناصر شاهه چيو آهي ته هي عالم اسلام جو مسئلو آهي، هي اسان جي ايمان جو حصو آهي، ايوان متفق آهي ته ڪنهن کي به ان جي اجازت نه هجڻ گهرجي، هن چيو آهي ته وفاقي سرڪار يورپي يونين سميت هر مناسب فورم تي احتجاج ڪرڻ گهرجي، ڪجهه ڏينهن اڳ پوري ملڪ ۾ جيڪي حالتون ٿيون ان جي مذمت ڪيون ٿا، پوليس جوانن ۽ احتجاج ڪندڙ مسلمانن جي فوت ٿيڻ تي به سخت ڏک آهي، جهڙي نموني هن حساس مسئلي کي هينڊل ڪيو ويو اهو مناسب نه هو. قرار داد ۾ چيو ويو آهي ته نبي پاڪ لاءِ اسان جون جانيون به قربان آهن.