ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ سوا ڪلاڪ دير سان سوا 3 وڳي شروع ٿيو، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي گذارش تي اسپيڪر کي اسيمبلي جي ايجنڊا معطل ڪندي برسات جي صورتحال بابت رٿ جي اجازت ڏني، پ پ ايم پي اي ندا کهڙو  ايوان ۾ برسات ۽ ٻوڏ واري صورتحال تي بحث ڪرائڻ لاءِ رٿ پيش ڪئي جيڪا منظور ڪئي وئي، رٿ تي بحث ايندڙ سومر کان اربع تائين ٽي ڏينهن هلندو، جڏهن ته صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ايوان ۾ سنڌ فيڪٽريز ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو اسپيڪر اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو آهي. صوبائي وزير ڪميش ڪمار چاولا جامعه الغزالي بل پيش ڪيو، پاس به ڪيو ويو، ان بعد جماعت اسلامي جي ميمبر سيدعبدالرشيد مفتي رفيع عثماني جي وفات تي کيس خراج تحسين لاءِ ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته سندس وفات پاڪستاني عوام لاءِ وڏو نقصان آهي، ايوان ان تي افسوس جو اظهار ڪندي دعا ٿو ڪري ته الله کيس جنت ۾ جاءِ ڏئي، جنهن بعد ٺهراءُ پاس ڪيو ويو، پي ٽي آءِ پارلياماني اڳواڻ خرم شير زمان صحافي ارشد شريف جي قتل بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايوويو ته ايوان ٽارگيٽ ڪلنگ جي مذمت ڪندي سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪري ٿو ته ڪينيا ۾ قتل ٿيل صحافي ارشد شريف جي قتل جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي عدالتي ڪميشن قائم ڪئي وڃي، ايوان صحافي جي خاندان سان ڏک جي گهڙي ۾ گڏ آهي.ساڳيو ٺهراءُ پ پ ميمبر شرميلا فاروقي به پيش ڪيو، جيڪو يڪراءَ منظور ڪيو ويو، ان بعد اسپيڪر آغا سراج دراني اجلاس سومر ڏهاڙي منجهند جو ٻه وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.