ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ اسيمبلي ۾ مالي سال 23-2022ع جي بجيٽ تي بحث شروع ٿي ويو، پهرئين ڏينهن حڪومتي ميمبرن بجيٽ کي عوام دوست قرار ڏنو، جڏهن ته  مخالف ڌر جي ميمبرن جو چوڻ هو ته بجيٽ ۾ عوام کي ڪو به رليف نه ڏنو ويو آهي. وقتي اسپيڪر ريحانه لغاري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ بجيٽ تي بحث جو آغاز ڪندي وسيم قريشي چيو ته سنڌ  بجيٽ اصل ۾ انگ اکرن ۽ ڪامورا شاهي  جي بجيٽ آهي،. وڏي وزير ٻه سال اڳ چيو هو ته تعليم ۽ پاڻي  وارن ترقياتي رٿائن کي ترجيح ڏيندو پر عملي طور ڪجهه نه ڪيو ويو آهي. لانڍي ۾ ڪاليج جي 10سال اڳ  ٺهيل عمارت فنڪشنل نه ٿي سگهي آهي. بلال غفار چيو ته سرڪاري بينچن جي حالت اها آهي جو اسان بجيٽ  تقرير ڪنهن کي ٻڌايون؟  اپوزيشن ايوان مان هلي وڃي ته ڪورم به پورو نه ٿي سگهندو.  صوبائي وزير  مڪيش چاولا  بلال غفار کي مخاطب ٿي  چيو ته اوهان هاڻ پارلياماني ليڊر ناهيو، پهرين فردوس شميم نقوي کان اپوزيشن ليڊر شپ ڦري وئي، اوهان کان وري پارلياماني ليڊر جو عهدو ڦريو ويو. آئون اوهان لاءِ دعا ٿو ڪريان،  پ پ جي ڊاڪٽر سهراب سرڪي چيو ته سنڌ سرڪار  بهترين بجيٽ پيش ڪئي آهي، صوبي ۾  پهريون دفعو ميرٽ تي 50 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويا آهن، آئون  چيلنج ٿو ڪريان ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ ڪم ٿيو آهي،  پ پ جي غزالاسيال چيو ته سنڌ جي 17 سئو ارب جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪئي وئي ، ملازمن جون 15 سيڪڙو  پگهارون وڌايو ويون آهن، پ پ جي ماروي راشدي چيو ته آئون وڏي وزير کي ڏھين دفعو بجيٽ پيش ڪرڻ تي مبارڪون ڏيان ٿي. بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيندي ڪو به ٽيڪس نه لڳايو ويو آهي،  سنڌ سرڪار ريسڪيو 1122 شروع ڪري بهتر سروس جو آغاز ڪيو آهي. متحده جي  ناصر قريشي چيو ته حيدرآباد حڪمرانن جي ترجيح ۾ شامل ناهي، حيدرآباد جي  اسپتالن عملو توڙي دوائون ناهن،  اسان پ پ سان اتحاد عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيو آهي. حيدر آباد جي  يونين ڪائونسلن کي اڍائي ارب ملڻ باوجود  ڪو ڪم ناهي ٿيو. عديل احمد چيو ته امپورٽڊ حڪومت بجلي 13، پيٽرول 84 ۽ گيهه 200 رپيا مهانگو ڪيو ،مهانگائي کان تنگ آيل مزدور پنهنجا رڪشا ساڙي رهيا آهن،  پ پ جي امير علي شاھ چيو ته عمرڪوٽ کي ٽراما سينٽر ڏنو وڃي، هن وقت  روڊ حادثن جا زخمي حيدرآباد وڃڻ تي مجبورآهن، ٿر وارياسو علائقو آهي اتي روڊن جي ضرورت آهي، عمرڪوٽ جي عوام جو مطالبو آهي ته شهر کي گيس ڏني وڃي، عمرڪوٽ جو اين ايڇ اي پاران ٺاهيل  روڊ  اکڙي رهيو آهي، عمر ڪوٽ ٿر جو گيٽ وي آهي ڏڪار  سبب اسپيشل پيڪج ڏئي ننڍن شهرن کي ترقي ۾ شامل ڪيو وڃي. راشد خلجي چيو ته سنڌ بجيٽ ۾ سستي اٽي لاءِ ڪجھه  به ناهي، ، مهانگائي ماڻهن جو جيئڻ مشڪل ڪيو آهي، سنڌ سرڪار پاران پگهار ۾ 15 ۽ پينشن ۾ 5 سيڪڙو واڌ  اٺ جي وات ۾ زيري برابر آهي. سنڌ سرڪار پگهارن ۾ 25 سيڪڙو واڌ ڪري ها ته بهتر ٿئي ها، هن چيو ته جيڪي ماڻهو حيدرآباد شهر ۾ لڏي آيا آهن، انهن جي بجيٽ پڻ حيدرآباد ۾ منتقل ڪرڻ گهرجي اين آءِ سي وي ڊي حيدرآباد ۾ ڪيترا يونٽ مسنگ آهن لطيف آباد ۽ رورل تعلقي لاءِ سيٽلائيٽ سينٽر قائم ڪيا وڃن، حيدرآباد ۾ باھ وسائڻ جا اوزار ناهن، اسنارڪل ناهي، پ پ جي  فرخ شاھ چيو ته پي ٽي آءِ جي ميمبرن کي هٿ ٻڌي اپيل ٿو ڪريان ته پنهنجي چيئرمين جو علاج ڪرائين،  فرخ شاهه  جي تقرير تي پي ٽي آءِ ميمبرن گوڙ ڪيو،  پ پ جي  گهنور اسراڻ چيو ته اسيمبلي  جي موجوده ماحول مان لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ قيادت سان گڏ سندن ميمبرن جو علاج ٿيڻ گهرجي، سنڌ اسيمبلي جو اجلاس سومر يارهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.