سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري طرفان عمرڪوٽ ۾ چوپائي مال لاءِ مخصوص زمين تي مبينا قبضي جو انڪشاف

0
337
کنڀي گم ڪيل سرويچ
Hyd court

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري محمد حسن شاهه طرفان عمرڪوٽ ۾ چوپائي مال لاءِ مخصوص زمين تي مبينا قبضي جو انڪشاف، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد زمين تي قبضي خلاف درخواست الزام هيٺ آيل ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ڪمشنر ميرپور خاص کي نوٽيسز جاري ڪري ڇڏيا، ٻڌڻي دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ اسيمبلي جي ايڊيشنل سيڪريٽري 50 هٿياربندن ذريعي زمين تي قبضو ڪرائڻ بعد فصل پوکي ڇڏيو، مالوند برسات دوران اُنهي زمين تي مال جو چارو پوکي گذر سفر ڪندا هئا، ڪمشنر ميرپور خاص جي هدايتن باوجود لاڳاپيل عملدارن ۽ پوليس قبضو ختم نه ڪرايو، عدالت ڌُرين کي 31 آگسٽ تي جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.