سنڌ اجرڪ ۾ وئي آ ويڙهجي

0
806
ڇا هاڻ مزاحمت بيڪار آهي؟

 اڄ سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائي رهيا آهن، هو پنهنجي سڃاڻپ  تي فخر ۽ ڌرتي سان احساس ۾ مست آهن،  هي ڏينهن هنن لاءِ عيد جو ڏينهن آهي. سڄي سنڌ  اجرڪ جي رنگ ۾ رڱجي  چڪي آهي.  ادل سومري چواڻي

روح ۾ آهن ڌمالون ديس جون

ٿڪ پنهنجا هي اڃان لهندا ڪٿي

سنڌ اجرڪ ۾ وئي آ ويڙهجي

عاشقي جا رنگ سي ڊهندا ڪٿي

 ثقافت يا ڪلچر ڇا آهي؟  انهي تي مونکي انڊونيشيا جي قومپرست، انقلابي ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ سوئيڪارنو جو اهو تاريخي جملو ياد ٿو اچي، جيڪو هن وادي سنڌ جي سقراط صفت اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽو جي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو هو، ڀٽو هڪ  ڀيري سوئيڪارنو کان پڇيو  هو ته “اوهان جي ملڪ ۾ هندن وارا نالا ڇو لکيا ويندا آهن؟”  انهي سوال تي سوئيڪارنو چيو هو ته “مذهب ٽن لفظن سان تبديل ٿي سگهي ٿو پر ڪلچر نه” ڪلچر جي انهي کان بهتر تعريف نه ٿي ٿي سگهي. انهي هڪ جملي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪلچر جون پاڙون تمام گهڻيون اونهيون هونديون آهن. مهاتما گانڌي چيو  هو ته “ڪنهن قوم جو ڪلچر انهي جي ماڻهن جي دلين  ۽ روح ۾ رچيل هوندو آهي.”

اسان جي رهڻي ڪهڻي، اسان جي پوشاڪ،  اسانجو کائڻ پيئڻ،  اسان جو ملڻ جلڻ، اسان جي شاعري، اسان جي موسيقي، اسان جو آرٽ ۽ اسان جي سوچڻ جو انداز اهو سڀ اسان جو ڪلچر هوندو آهي. ڪلچر انهي ڌرتي سان رشتي جو نالو آهي جنهن تي اسان رهون ٿا. انهي ڌرتي  جي موسمن، ماحول، نباتات ۽ حيوانات، جبل، ميدان، ڍنڍون ڍورن سان رشتي جو نالو ڪلچر آهي، ڪلچر هڪ ٻئي سان رشتو هوندو آهي، ڪلچر سڃاڻپ آهي، ڪلچر اوپرائپ کان بغاوت آهي،  ڪلچر پاڻ سڃاڻڻ آهي. اڪثر ماڻهو سوال ڪندا آهن ته هي ڪلچر ڏينهن ملهائڻ جي آخر ڪهڙي ضرورت آهي؟ اهي هي سوال انهي لاءِ ڪندا آهن ته اهو انهي سرگرمي کي قومپرستي يا نيشنل ازم جي عمل جو  حصو سمجهندا آهن ۽ نيشنل ازم انهن جي نظر ۾ فاشزم، تنگ نظري ۽ علاقائيت کان وڌيڪ  ڪجهه به نه آهي.

هي اها ڳالهه سمجهي نٿا سگهن ته نيشنل ازم هڪ آئيڊيالا جي  کان  وڌيڪ عمل جي دنيا  آهي، خاص طور تڏهن  جڏهن انهي جو مقابلو نوآباديات، جديد نوآباديات ۽ آبادڪاري سان هجي. انهي جو تعلق شائونرم، تنگ  نظري يا علاقائيت سان ناهي. اهي صفون ته نوآبادياتي ۽ بالادست قوتن ۾ هونديون آهن. نيشنل ازم ته فاشزم جي خلاف مزاحمت آهي، مظلوم قومون پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان مزاحمت جي طاقت حاصل ڪنديون آهن،  استحصالي ۽  ظالم قوتون  ته سڃاڻپ جي بنياد تي فرق ڪنديون آهن، انهن جي سڃاڻپ فاشرم آهي ۽ استحصال جو شڪار ماڻهن جي سڃاڻپ نيشنل ازم آهي، شايد انهي ڪري ئي هيگل چيو هو ته “پوري تاريخ سڃاڻپ جي جنگ جي تاريخ آهي.”

جي ها پوري انساني تاريخ ۾ سامراجي طاقتون ۽ فاشسٽن جو سڀني کان وڌيڪ مقابلو قومپرست تحريڪن ڪيو. انتونيو گرامچي جهڙو مارڪسسٽ انقلابي به انهي ڳالهه تي حيران هو ته فاشرم جي مقابلي ۾  مارڪسسٽ تماشائي بڻيل آهن  جڏهن ته نيشنلسٽ انهن خلاف وڙهي رهيا آهن.

 ثقافت سان پيار پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان پيار آهي. ٻاهر کان اچڻ وارا سڀ کان پهرين محڪوم قوم جي ثقافت تي حملو ڪندا آهن ۽ انهي کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته جيئن انهي قوم جي مزاحمت ختم ٿي وڃي. يعني ٻاهران ايندڙ ثقافت کي ئي مزاحمت سمجهندو آهي، جي ها، ثقافت مزاحمت آهي. اها ڪنهن به قومپرست تحريڪ جو فڪري  مورچو آهي. قومپرستي  جو فسلفو دنيا جي ٻين قومن يا ثقافتن سان نفرت ناهي، اهو شاهه لطيف فلسفو آهي يعني سڄي دنيا سان محبت ۽ خير جو فلسفو.

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

 دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين

سنڌي ثقافت وادي سنڌ جي انتهائي قديم متحرڪ ۽ جاندار  ثقافت آهي، انهي جي قدامت  وادي سنڌ تهذيب جيتري آهي، مونکي اها تاريخ ورجائڻ جي ضرورت ناهي. عظيم سنڌي ادب، شاعري، فوڪ لور، رسم رواج ۽ سياست کان سڄي دنيا واقف آهي. مان هتي رڳو اها ڳالهه ڪرڻ چاهيندس ته  پاڪستان ۾، جيڪو وادي سنڌ جي علائقن تي مشتمل آهي رهڻ وارين ٻين قومن جي مقابلي ۾ سنڌي سياسي طور وڌيڪ سجاڳ آهن، هتي آمريت، ظلم ۽ زيادتي، فاشزم ۽ رجعت  پسندي خلاف مزاحمت جي تحريڪ ٻين  قومن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط  آهي. انهي جو سبب اهو آهي جو سنڌين پنهنجي ثقافت سان وڌيڪ پيار ڪيو آهي. هنن پنهنجي ثقافت تي وڌيڪ فخر ڪيو آهي. انهي لاءِ مان چوان  ٿو ته هر قوم کي پنهنجي ثقافت سان پيار ڪرڻ گهرجي ۽ ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ گهرجي، ثقافت کي  علاقائيت، قبائليت يا ماضي سان رومانس تصور نه ڪرڻ گهرجي. اها پرامن مزاحمت آهي، سنڌين ۾ حريت جو جذبو آهي ، شيخ اياز چواڻي.

 اڄ ڇوهه انهن جا ڇولي ۾

اڄ ٻول انهن جا ٻولي ۾

اي ڌرتي تنهنجي جهولي ۾

جي سورهيه سيس ڇپائي ويا

جيئي سنڌ، جيئي سنڌي ثقافت، جيئن سنڌ جا ماڻهو، جيئن سڄي دنيا جون رنگ برنگي ثقافتون.