سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي تعلقي جي يوسي گرھوڙ شريف جي تلائن ۾ گذريل 2 ميھنن کان پاڻي نه  پھتو  آهي، واٽر سپلاءِ جو ھڪ تلاءِ مڪمل سڪي ويو آهي، ٻئي تلاءِ جي تري ۾ پاڻي ھجڻ ڪري شھري، مرد، عورتون ۽ ٻارڙا تلاءَ اندر داخل ٿي جڳ ڀري انھي سان پنھنجا دٻا، ڪين، گلين ڀرڻ تي مجبور بڻيل آھن،جڏھن ته پاڻي گدلو ۽ مٽي وارو ھجڻ سبب رهواسي  گيسٽرو ۽ پيٽ جي مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن،  شهرين موجب ته  ووٽ وٺڻ وقت سڀ اچن ٿا پر  ھاڻ پيئڻ جو پاڻي ناھي ته  ڪير پڇي به نٿو نه ٿو،   اسان مجبوري ۾  گندو پاڻي واپرايون ٿا.