سنڌڙي (ن پ ا) کپرو روڊ ٽاور رستي ڀرسان زمين جي تڪرار سبب شر ۽ منگسي ڌرين وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ لٺيون ڪھاڙيون لڳڻ ڪري مگسي ڌر جو گلاب مگسي ۽ امير حسن مگسي زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال ميرپورخاص منتقل ڪيو ويو، زخمي گلاب مگسي موجب جوابدارن اسان جي زمين تي قبضو ڪري وري اسان مٿان حملو ڪيو اٿن، ٻئي ڌر جي ستار شر ٻڌايو ته اسان جي واٽ ويندڙ ڇوڪرن مٿان ھنن فائرنگ ڪئي آھي اسان ڪو حملو ناھي ڪيو. ايس ايڇ او سنڌڙي ٻڌايو ته جھيڙي جو ڪارڻ زمين جي ماپ تان ھلندڙ تڪرارپراڻو تڪرار آھي جنھن سبب جھيڙو ٿيو آھي. جاچ ڪيون پيا.