سنڌڙي (ن پ ا)سنڌڙي ويجھو  ڦلھڏيون ۾ مختلف دڪانن تي فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ٽيم جا ڇاپا، کليل آئيل، مدي خارج شيون ضبط، صفائي نه ھجڻ تي دڪاندارن تي 5 _ 5 ھزار جا ڏنڊ، ان ڏس ۾  فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي ٽيم علي حمزہ قائمخاني، راڻو مل ميگھواڙ، ڪمليش ڪمار، پون ڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏونگر کتري، رميش مالھي، راجا رام ڪريانا سميت وشن داس سوئيٽس ۽ ايم اي سوئيٽس تي ڇاپا ھنيا، جنھن ۾ کليل آئيل، معدي خارج شيون ضبط ڪيون ويون، جڏهن ته  مٺائي جي دڪانن تي صفائي نه ھجڻ ڪري دڪاندارن تي 5 _ 5 ھزار جي ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.