سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي تعلقي ۾ برساتي ٻوڏ کانپوءِ پاڻي جي نيڪال ۽ انتظاميا جي نااھلي خلاف ڳوٺاڻن جو چوٿين  ڏينھن به پوليو مهم جو بائيڪاٽ جار رهيو، جنهن ڪري ڳوٺ ربڏنو شر، جهوڙو شر، عطر مري، عبدالله پنھور سميت يوسي اسماعيل ڪنڀار، يوسي سرھل جي مختلف ڳوٺن جا سوين ٻارڙا پوليو جا ڦڙا پيئڻ کان رھجي ويا آهن، ڳوٺاڻن رشيد پنھور، علي مري، ابراھيم ۽ ٻين چيو ته عالمي ادارا اربين ڊالر خرچ پيا ڪن، انھن ڪڏھن حڪومت کان پڇو آھي ته برساتي پاڻي ڇو نيڪال ناھي ڪيو ويو، هنن چيو ته 5 ميھنا گذري ويا آھن پر پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه پيا کنيا وڃن، هنن چيو ته دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي مجبور ٿي پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو آهي، هنن چيو ته انتظاميا رليف به من پسندن کي ڏئي رهي آهي، سياسي ماڻھن جي مداخلت آھي، جنهن ڪري حقيقي متاثر سهائتا کان محروم آهن، ھوڏانھن اي سي سنڌڙي جھامن داس موجب ته مجموعي طور انڪاري ۽ سخت انڪاري ڳوٺاڻن کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي 908 ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ ڪامياب ويا آھيون، وڌيڪ ڪوشش جاري آھي.