سنڌڙي ويجھو باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي رک

0
298

سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي ويجھو باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 گهر سڙي رک ٿي ويا، دلبر مھر ٿاڻي جي حد ڳوٺ حميرو مينگھواڙ ۾ اوچتو باھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 کان مٿي غريب پورھيتن جا گھر سڙي رک ٿي ويا، گھرن ۾ پيل سمورو سامان ۽ قرباني جو مال به سڙي مري ويو، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پھچڻ تي ڳوٺاڻا پنھنجي مدد پاڻ باھ وسائڻ ۾ مصروف آهن..