سنڌڙي (ن پ ا) برساتي ٻوڏ کي 5 مھينا گذرڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف 2 يوسيز ۽ ھڪ ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ جي ڳوٺن ۾ ٻئي ڏينھن به پوليو مھم جو بائيڪاٽ جاري رهيو، جنهن ڪري پوليو ٽيمون واپس هليون ويون، ان ڏس ۾ ڳوٺ مٺا خان شر، ولي محمد پھوڙ، عبدالله پنھور، ڳوٺ عطر مري، واحد بخش مري، ڳوٺ يار محمد ڀيو، الھه بخش نھڙي، ملوڪ پھوڙ ۽ ٻين ڳوٺن جي رهواسين ٻئي ڏينھن به پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريا، ڳوٺاڻن رفيق سومرو، عبدالڪريم شر، غلام حسين پھوڙ، محمد خان پنھور ۽ ٻين چيو ته اڳ ۾ سندن ڳوٺن مان برساتي پاڻي ڪڍرايو وڃي، بعد ۾ ٻارڙن کي ڦرا پيارينداسين، ٻئي پاسي پوليو مھم جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر رشيد مري چيو ته 3 يوسيز جي 9 ڳوٺن جا 294 ٻارڙا پوليو جا قطرا ناھن پئي سگھيا، ٽيمون واپس موٽي آيون آھن.