سنڌڙي (ن پ ا) سنڌڙي دلبر مھر ٿاڻي جي حد شير واھ ڀرسان ڳوٺ حمزو مھر ۾ اچانگ باھ لڳي وئي، باھ لڳڻ سبب مير مھر، جانڻ مھر، ٽئو مھر، قاسو ماڇي، خان محمد، دين محمد، ڏتل مھر سميت ٻين جا 9 گھر سڙي رک ٿي ويا، گھرن ۾ پيل اناج، سونا زيور، ڪيش رقم سميت سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. بر وقت اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پھتو، جنھن سبب وڏو نقصان ٿي ويو، باهه متاثر کلي آسمان ھيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن، هنن وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي.