سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) سنڌڙي لڳ خوفناڪ حادثو، موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت، 2 زخمي، خبر موجب ميرپورخاص روڊ تي موٽرسائيڪل ۽ ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ميرپورخاص ۾ ايڪتا تقريب ۾ شرڪت ڪري واپس ڳوٺ ايندڙ سامارو شاخ جي ڳوٺ حاجي الله بخش ڪلھوڙو واسي 25 ورھين جو الطاف ڪلھوڙو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 40 ورھين جو پرائمري ماستر علي محمد ڪلهوڙو زخمي ٿي پيو، جنهن کي حيدرآباد اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو، حادثي ۾ زاهد ڪلھوڙو ۽ عامر ڪلھوڙو سخت زخمي ٿي پيا، جن کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي سندن علاج ھلندڙ آھي، ٻنهي فوتين جا لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪھرام مچي ويو، دلبر مھر پوليس شڪ جي بنياد تي 2 ٽريڪٽر ٽراليون تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.