پنوعاقل (ن پ ا) نامياري اديب ايس جي ڀاڳيا جي جنم ڀوميءَ تي واپسي، پنوعاقل ۾ سنڌي ادبي سنگت پاران “ڀليڪار ڀاڳيا” جي عنوان ھيٺ رھاڻ رچائي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ناليوارن اديبن ناصر چاچڙ، ھري لال ڀاڳيا، بيخود بلوچ ۽ ڊاڪٽر خادم منگي ڳالھائيندي چيو ته سنڌي ھندن سان مسئلا آھن پر وطن نه ڇڏڻ گھرجي. سنڌي ھندن جو ھندستان لڏي وڃڻ سنڌ جو نقصان آھي. ھو سنڌي ادبي سنگت کان وٺي ھر سياسي سماجي پليٽفارم تان سچو ۽ کرو نظر آيو. ھن دولت ۽ ڪاروبار بدران سماج سڌارڪ بڻجي پنھنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ محبتون ونڊيون. تقريب کي خطاب ڪندي ايس جي ڀاڳيا لڙڪ لاڙيندي چيو ته آئون ھن مٽيءَ جو ماڻھو آھيان، منھنجي خمير ۾ سنڌ سمايل آھي ۽ منھنجي ارٿي به سنڌوءَ ۾ لوڙھي ويندي، ڇاڪاڻ ته منھنجو اول آخر مسڪن سنڌ آھي. ان موقعي تي خالد ميراڻي، مشتاق چاچڙ ، غلام حسين جتوئي، منور سڪايل، حميد بلو، انور سيال، سڪندر مگسي، پروفيسر سڪندر مھسير ۽ ٻين پڻ ايس جي ڀاڳيا کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي .