اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي سڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ڪاميٽي جي چيئرمين فيصل جاويد جي صدارت ۾ ٿيو،  سال 2013ع کان 2018ع تائين جاري ڪيل سرڪاري اشتهارن جا تفصيل پيش ڪيا ويا، ڪاميٽي کي ٻڌايو ويو ته ان عرصي جي  5 سالن دوران جيو نيوز کي 10 ڪروڙ، اي آر واءِ کي 8 ڪروڙ، دنيا کي 56 ڪروڙ، سماءَ کي 18 ڪروڙ جا اشتهار ڏنا ويا، ڪاميٽي پ پ پ دور ۾ جاري ڪيل اشتهارن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن، ڪاميٽي کي اهو به ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ جي ساڍن 3 سالن دوران جيو، اي آر واءِ، دنيا ۽ ايڪسپريس کي 21- 21 ڪروڙ جا اشتهار مليا، سماءَ ٽي وي کي 18 ڪروڙ جا اشتهار مليا، اجلاس ۾ عمران خان جي ٽيلي ٿون کي ميڊيا تي نشر نه ٿيڻ ڏيڻ جو مامرو اٿاريندي ڪاميٽي چيئرمين چيوته پيمرا ٻوڏ متاثرن لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ٽيلي ٿون کي به نشر ٿيڻ نه ڏنو، جنهن تي پيمرا چيئرمين چيو ته پيمرا ٽيلي ٿون جي نشريات نه روڪرائي آهي، جنهن تي ڪاميٽي چيئرمين فيصل جاويد چيو ته اهو ٻڌايو وڃي ته ٽيلي ٿون جي نشريات ڪنهن روڪرائي؟، پيمرا چيئرمين سليم بيگ جو چوڻ هو ته اهو نه ٿو چئي سگهان ته ڪنهن روڪرائي پر اسان ٽيلي ٿون نشر نه ڪرڻ جي ڪا هدايت نه ڏني آهي، ڪاميٽي ان حوالي سان لکت ۾ جواب ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس دوران سنڌي چينلن کي گهٽ سرڪاري اشتهار ڏيڻ تي پيپلزپارٽي جي سينيٽر مولابخش چانڊيو احتجاج ڪيو، هن چيو ته ٽي وي تي تجزيي ڪار صرف لاهور ۽ راولپنڊي مان ڇو آندا وڃن ٿا، پاڪستان هڪ وفاق آهي، سڀني کي نمائندگي ملڻ گهرجي.