ميھڙ(ن پ ا) ميھڙ ڀرسان سنڌي ٻٽڙا گرلس اسڪول مان چوري واري واقعي خلاف سنڌي ٻٽڙا لوئر سيڪنڊري اسڪول جي استادن شاگردن ،شاگردياڻين اسڪول جي ھيڊ ماستر عجيب الله قمبراڻي جي اڳواڻي ۾ اسڪول گيٽ آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو شاگردن ، استادن ، شاگردياڻين اسڪول مان چوري واري واقعي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ھنن چيو تہ افسوس جو ڪجھ نامعلوم ماڻھن نياڻين جي اسڪول مان چوري ڪري سامان کڻي ويا آھن پر سنڌي ٻٽڙا پوليس جوابدارن خلاف ڪاروائي ناھي ڪئي ھنن چيو تہ تعليمي ادارن کي ٽارگيٽ ڪري چوريون ڪرايون پيون وڃن ھنن گھر ڪئي تہ اسڪول مان چوري واري واقعي جو نوٽيس وٺي چوري ۾ ملوث ماڻھن خلاف ڪاروائي ڪري اسڪول مان چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.