سنڌي ٻولي ۾ ٻاراڻي ادب جو مسئلو

0
196
سنڌي ٻولي ۾ ٻاراڻي ادب جو مسئلو

 سنڌي ٻولي جي نامياري ۽ سيبتي ليکڪ مختيار احمد ملاح جي ڪم کان عام ماڻهو ته شايد واقف هجي پر سنڌي علم ادب سان لاڳاپيل ماڻهن جي گهڻائي سندس ڪم کان بخوبي واقف آهي. نه صرف ايترو پر سنڌي ٻولي جي حوالي سان ٿيل سندس تحقيقي ڪم کي قدر جي نگاهه سان به ڏسي ٿي. مختيار احمد ملاح سان هونئن ته منهنجو واسطو ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو) ۾ ملازمت ڪرڻ دوران ٿيو هو پر لڳندو ايئن آهي ته علم و ادب جي حوالي سان ڄڻ ته ڪافي پراڻو واسطو آهي. پاڻ ٻئي هڪ ئي فورٽ فوليو “ايجوڪشن مينيجمنٽ ريفارمز (اي ايم آر)” سان لاڳاپيل هئاسين. ٻولي جي حوالي سان سندس  18 کان مٿي ڪتاب مختلف سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ادارن پاران ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهچي چڪا آهن ۽ اسان جي مطالعن جو سامان بڻجي چڪا آهن. مختيار جو قلم به، لنڊن ڄائي شاعرا ايلزا ڪوڪ (1818 – 1889) جي نظم “ڪنگ بروس اينڊ دي اسپائيڊر” ۾ بيان ڪيل ان ڪوريئڙي جو ڀاءُ ٿو لڳي جيڪو پنهنجي ڪم ۾ سدائين مگن ٿو رهي ۽ جنهن پنهنجي بغير ساهي واري سرگرمي جي ذريعي مايوس بادشاهه بروس کي هي سبق ڏنو هو ته مايوسي بيڪار آهي ۽ بار بار ڪوشش ڪرڻ ئي، اصل ۾ ڪاميابي جو گر آهي. گذريل سال ڊسمبر جي مهيني ۾، مختيار احمد ملاح جي فيس بوڪ ڀت تي رکيل سندس “سنڌي ٻولي ۾ ٻاراڻي ادب جو مسئلو” جي عنوان هيٺ ڪجهه سٽون نظر مان گذريون. جن کي هتي جيئن جو تيئن پيش ڪريان ٿو انهيءَ ڪري ته جيئن اسان جي پڙهندڙن، ٻارن جي والدين ۽ اسان جي حڪومت کي هي احساس ٿئي ته اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي سنڌي ادب جي مطالعي کان کانسواءِ تيار ڪري ڪهڙي طرف وٺي وڃي رهيا آهيون. ڇا ڪو سمجهدار ماڻهو پنهنجي اصليت کي وساري سگهي ٿو. ادب ئي ته اصل ۾ ڪنهن قوم جي طاقت هوندو آهي جيڪا هن انڌي سماج ۾ اسان کي سڄو ڪندي هلندي آهي پر هن وقت پنهنجي ڪهڙي حالت آهي اچو ته ان حالت جي باري ۾ مختيار احمد ملاح ۽ لياقت علي جتوئي جي ٽڪرن کي پڙهون:

مختيار لکي ٿو، “ڪنهن به سڌريل معاشري ۾، ٻارن جي ادب کي خاص مقام حاصل هوندو آهي. ڪالهه “سترهين ڪراچي بين القوامي ڪتابي ميلي” ۾ وڃڻ ٿيو. ميلي ۾ اردو ٻولي ۾ ڇپيل ٻاراڻي ادب جي ڪتابن کي ڏسي مان حيران ٿي ويس. لکن جي تعداد ۾ هر موضوع تي ٻاراڻي ادب جا ڪتاب رکيل هئا. پر سڀ کان اهم ۽ نرالي ڳالهه جا مون ڏٺي ۽ محسوس ڪئي ته مختلف اسڪولن جون ٻارن سان ڀريل بسون هڪ ٻئي جي پويان اچي رهيون هيون. ميلي ۾ اسڪولي ٻارن جو تعداد تمام گهڻو هو ۽ اهي ٻار باقاعده ڪتاب خريد ڪري رهيا هئا، جنهن سان مون کي تمام گهڻي خوشي به ٿي رهي هئي ته منهنجي ذهن تي ڪجهه اداسي به ڇائنجي رهي هئي. ان جو سبب هي هو ته ڪجهه مهينا اڳ جڏهن مان ٻارن جي ادب جي تاريخ لکي رهيو هئس ته مون کي سنڌي ۾، ٻارن جي ادب جو ڪو گهڻو تعداد نظر ڪونه آيو. نه وري موجوده دور ۾ ڪو اهڙو ٻار ليکڪ جيڪو خاص ٻارن لاءِ لکندو هجي. نه ٻار انهن ڪتابن جا پڙهندڙ مليا، نه وري اهڙو رسالو نظر مان گذريو، جيڪو اسڪولن ۾ اسان جي ٻارن تائين پهچندو هجي. ڪالهه ٻارن جي ادبي ڪتابي دلچسپي ڏسي معلوم ٿيو ته اسڪولن جي استادن جو، ٻارن جي ادب ۾ چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار هجي ٿو. پوري سنڌ صوبي ۾، شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين هاڻي خانگي اسڪول کلي چڪا آهن ۽ کلي رهيا آهن، جتي والدين ٻارن جون ڳريون فيون به ڀرين ٿا پر ڇا اهي ٻار مهيني يا ٻئي مهيني ۾ پنجاهه رپين کان سئو روپين تائين ڪو سنڌي رسالو يا ڪو ڪتابڙو / ڪتاب خريد ڪري پڙهي نٿا سگهن! منهنجي خيال ۾ بلڪل خريد ڪري سگهن ٿا، پر ان سلسلي ۾ ٻارن لاءِ معياري ڪتابن ۽ رسالن جي موجودگي سان گڏ انهن جي مارڪيٽنگ (بازارگي) ڪرڻ به ضرروري آهي. ٻي ڳالهه ته انهن ڪتابن ۾ موجود ادب ۽ وندر جو سامان به، ٻارن جي معيار جي مطابق هجڻ گهرجي يعني اهو پوري طرح سان ٻارن جي ذهني سگهه، لاڙي ۽ مزاج مطابق لکيل هجي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو.”

مختيار احمد ملاح، تعليم ميگزين جي 21 نومبر، 2021ع واري ڇاپي ۾، لياقت علي جتوئي پاران ڇپايل هڪ آرٽيڪل کي به ونڊ ڪيو جنهن جو عنوان هو “ٻارن ۾ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ” ان کي پڻ موضوع جي مناسبت جي حوالي سان هتي جيئن جو تيئن پيش ڪريون ٿا. “اڄ جا شاگرد سڀاڻي جا پروفيشنل (هنردار) يعني بازار لاءِ افرادي قوت آهن. اهي مسئلا حل ڪندڙ ۽ آئيندي جا اڳواڻ آهن. معياري تعليم تائين پهچ نه صرف ٻارن جي ذاتي زندگيءَ لاءِ اهم آهي پر انهن جي سماجي ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ به ضروري آهي. زندگي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ 2030ع لاءِ، گڏيل قومن پاران پائيدار ترقي جا مقصد مقرر ڪيا ويا آهن جن ۾ هر ٻار کي مفت، لازمي ۽ معياري پرائمري، سيڪنڊري تعليم تائين رسائي ڏيڻ سان گڏ ان جي تحفظ کي به يقيني بڻائڻو آهي. هڪ اندازي موجب ڪووڊ – 19 جي نتيجي ۾ تعليم ۾ اڳڀراين جا فائدا گذريل ويهن سالن کان گهٽجي ويا آهن. جيتوڻيڪ سڀئي شاگرد وبائي مرض کان متاثر ٿيا آهن، پر فائدو کڻندڙ ۽ غريب طبقي جي وچ ۾ فرق نمايان ٿي ويو آهي. مثال طور، هندستان ۾ ڪيل هڪ مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته تقريبن چاليهه سيڪڙو شاگردن کي فائدو کڻندڙ گهراڻن جي ڀيٽ ۾ تعليم تائين رسائي ناهي رهي. حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته اٽڪل ٽيهه ملين اسڪولي ٻارن کي آن لائين تعليم تائين رسائي ڏيڻي آهي. ان تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ سمارٽ فون ڊوائيسز يا انٽرنيٽ تائين رسائي هڪ مشڪل ڪم بڻجي رهيو آهي. فائدو کڻندڙ ۽ فائدو نه کڻندڙ ٻارن جي وچ ۾ تعليمي قابليت جي فرق کي گهٽائڻ يا مٽائڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت پيدا ڪئي وڃي. ٻارن جي زندگيءَ جا شروعاتي سال وڏي اهميت وارا هجن ٿا. هي سال ٻارن جي زندگي جو اهو حصو آهن جنهن دوران ٻار جون عادتون ۽ مزاج جڙن ٿا ۽ ترقي ڪري رهيا هجن ٿا. شروعاتي سالن ۾ ٻارن کي جيڪڏهن ساڳيو يعني يڪساني ماحول مهيا ڪيو ويندو ته اهي مستقبل ۾ به ساڳيا رهندا ۽ هنن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪابه تبديلي ڪونه ايندي. انهيءَ اهميت کي نظر ۾ رکندي اسان کي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته ٻارن جي شروع واري عمر جي حصي ۾ هنن کي جيترو ٿي سگهي ڪيترين ئي سٺين ۽ مفيد سرگرمين ۾ مصروف رکون.

ڪتاب کي انسان جو بهترين دوست تصور ڪيو ويو آهي. ان ڪري ٻار جي شروعاتي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن کيس پنهنجي بهترين دوست سان متعارف ڪرايو وڃي ته اها دوستي اڳتي هلي بهترين نتيجا ڏئي سگهي ٿي. جيڪڏهن ننڍي عمر ۾ ٻارن جي هٿن ۾ ڪتاب ڏنا وڃن ته پوءِ هو پڙهڻ ڏانهن مائل ٿين ٿا ۽ پوءِ هو ڪڏهن به ڪتاب کان پري ڪونه ويندا. اهو صرف هڪ مفروضو نه آهي پر هڪ ثابت تجربو آهي. جيڪي مائرون ڪتابن ڏانهن مائل ٿين ٿيون انهن ۾ ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ سکڻ جي گهڻي صلاحيت هجي ٿي. جن ٻارن کي پڙهڻ جو شوق هوندو آهي اهي تخليقي هوندا آهن ۽ سدائين پنهنجي حال تي بسر ڪرڻ جي بدلي جدت پسند ٿيندا آهن. پنجن مهينن جي ڄمار کان ٻار گهڻو ڪري ويهڻ شروع ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪتاب جو تعارف هن عمر کان شروع ڪيو وڃي ته ان لحاظ کان نتيجا سٺا نڪرندا آهن. ڪتاب ۾ دلچسپي ٻار جي مزاج جو حصو بڻجي ويندي آهي. پڙهڻ صرف هڪ شوق نه آهي. ڪيترين ئي تازين تحقيقن مان هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته جيڪي ماڻهو مطالعي جي عادت رکن ٿا انهن ۾ ڪتاب کان پري وارن شاگردن جي ڀيٽ ۾، الزائهمر (ذهني بيماري) ٿيڻ جو امڪان ٻه ڀيرا گهٽ هجي ٿو. تعليمي ماهر اين اي ڪننگهم پنهنجي تحقيقي مطالعي ۾ لکيو آهي ته جيڪي ماڻهو باقاعدا ڪتاب پڙهندا آهن اهي نه رڳو هر روز ڪجهه نئون سکندا رهندا آهن پر انهن جي ڄاڻ ۽ ذهانت جو معيار به ٻين ماڻهن کان بهتر هوندو آهي.ڪرسٽل رسل، هڪ ٻيو مفڪر ۽ محقق، پنهنجي تحقيقي مطالعي ۾ لکي ٿو ته ڪتاب پڙهڻ توهان جي ذهني دٻاءُ کي ختم ڪري ٿو ۽ توهان جي پرامن فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت کي جِلا بخشي ٿو. ماهرن جي موجب ٻارن ۾ ڪتابن کي پڙهڻ جي عادت پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان مٿي بيان ڪيل ڳالهين تي عمل ڪري پنهنجي ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت پيدا ڪري سگهو ٿا.”

مختيار ۽ لياقت جن انديشن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن انديشن جي بنياد تي جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ جيڪي تجويزون ڏنيون آهن منهنجي خيال ۾ اهي سڀ جون سڀ وقتائتيون آهن. حڪومت ۾ ويٺل اسان جا وزير ۽ ڪبير جيڪڏهن پنهنجي رهنمائن جي ورسين لاءِ اربين روپيا خرچ ڪن ٿا ته ڇا اهي سنڌي ادب خاص طور تي سنڌي ادب ۾ ٻارڻي ادب واري کوٽ کي منهن  ڏيڻ جي لاءِ ڪروڙين روپيا خرچ نٿا ڪري سگهن. بلڪل ڪري سگهن ٿا پر جيڪر اهي ان سوچ مان ٻاهر نڪرن جيڪا سوچ هي آهي ته عوام کي عوام جي حال تي رهڻ ڏنو وڃي.