ڪراچي: عالمي اردو ڪانفرنس ۾ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي ڊراما ليکڪ نورالهديٰ شاه چيو ته هي عالمي اردو ڪانفرنس آهي پر انهي ۾ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته سڀني ٻولين کي موقعو ملي، سنڌ جي ادبين کي انهي ڪانفرنس جو حصو بنجڻ گهرجي، اهي ٻاهر ويهي تنقيد ڪرڻ بدران اندر اچن، ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي پنهنجو حصو وٺن، باقي هاڻي ڪراچي ۾ سنڌي لٽريچر فيسٽيول ۽ ٻيا به فسٽيول ٿين ٿا.