ٺٽو (رپورٽر) سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، آزاد انور ڪانڌڙو، فائزه ايوب، خطائي ٿيٻو، حسين سارنگ ۽ رمضان ميمڻ پھرين مارچ 2023 کان سنڌ ۾ شروع ٿيل آدمشماري تي سخت خدشا ظاھر ڪندي چيو آھي ته پاڪستان سرڪار کي وقت کان اڳي آدمشماري شروع ڪرائڻ جي ضرورت ڇو پئي آھي،؟ جڏھن ته دنيا جي اڪثر ملڪن اندر ھر ڏھين سال آدمشماري ڪرائي ويندي آھي. ھنن چيو ته اسين ھن ڊجيٽل آدمشماري کي خاص ڪري سنڌ جي حوالي سان سنڌين کي ٿورائيءَ ۾ بدلائڻ جي سازش آهي، جڏھن تہ ملڪي چونڊون  ڊجيٽلائيزيشن رستي ڪرائڻ تي سياستدانن کي اعتراض آھن ۽ اُھي چونڊون ممڪن نه ٿيون ٿي سگھن ته پوءِ ڊجيٽل آدمشماري (۽ سيلف آدمشماري) ڪيئن ٿي ٿي سگھي. جنھن صورت ۾ سنڌ سرڪار کي تعلقي، ضلعي ۽ صوبائي سطح تي سيل ٺاھي آدمشماري کي مانيٽر ڪرڻ جو اختيار نه آھي. ان آدمشماريء کي سنڌ جا ماڻھو ڪنھن به صورت ۾ قبول ڪري نه سگھندا. ھنن پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ ۽ برساتن جي تباھ ڪارين جي ڪري سرڪاري انگن اکرن موجب 21 لکن کان وڌيڪ گھر ڊھي چڪا آھن. متاثر ماڻھو دربدر آھن ڪي ڪئمپن، روڊن جي ڪپن تي، وڻن جي ھيٺان ۽ مٽن مائٽن وٽ ترسيل آھن، انھن جي ڳڻپ ڪيئن ٿي سگھندي.