حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران پهرين کان 20 فيبروري تائين سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان فيصلي تحت سنگت جي شاخن کي پابند ڪيو ويو ته اهي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ گڏجاڻيون منعقد ڪري بحث مباحثا ڪن ۽ خانگي اسڪولن جي انتظاميا سان ملي کين سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ پابند ڪن. سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي گڏجاڻي سيڪريٽري جنرل تاج جويو جي صدارت هيٺ اڏيرو لال اسٽيشن جي احساس لائبريري ۾ ٿي جنهن ۾ جوائنٽ سيڪريٽري آزاد انور ڪانڌڙي، عورت جوائنٽ سيڪريٽري فائزه ايوب، آڊيٽر حسين سارنگ ۽ پريس ترجمان رمضان ميمڻ شرڪت ڪئي. سنڌي ٻولي جاڳرتا مهم جي سلسلي ۾ سنگت جي شاخن کي ان ڳالهه جو به پابند بڻايو ويو ته اهي پنھنجي علائقي جي دڪاندارن، واپارين ۽ ھوٽلن جي مالڪن سان ملي کين سائن بورڊ سنڌي ۾ لکرائڻ لاءِ آمده ڪن. سنگت جي فيصلي موجب 21 فبروري تي مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪرائڻ لاءِ مظاھرا به ڪيا ويندا. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ-سنگت ۽ روشني پبليڪيشن جي سھڪار سان پهرين فيبروري کان سنڌ جي مختلف شھرن ۾ ٽن ڏينهن لاءِ گشتي ڪتابي ميلا لڳندا ان ڪري سنگت جي شاخن کي ان حوالي سان سهڪار گهرجي ته جيئن سنڌي ڪتابن جي وڪري ۽ سنڌي ڪتابن جي پڙھڻ جي رجحان کي ھٿي ڏئي سگھجي.