سنڌو درياهه کي ڊرينيج ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، شهر ۾ پينا فليڪس هڻي ماڻهن کي ٻڌايو ته پاڻي زهريلو آهي: عدالت

0
264

سکر: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر انتظاميا کي حڪم ڏنو آهي ته سنڌو درياهه کي ڊرينيج ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، انتظاميا اڄ ئي شهر ۾ پينا فليڪس هڻي ماڻهن کي ٻڌائي ته درياهه مان فراهم ٿيندڙ پاڻي زهريلو آهي، اسان توهان کي زهريلو پاڻي پياري رهيا آهيون

سکر واسين کي گدلو پاڻي فراهم ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پاڻي بابت جوڙيل ڪميٽي ۽ نجي ليبارٽري سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ رپورٽ پيش ڪري ڇڏي

رپورٽ ۾ شهرين لاءِ فراهم ٿيندڙ پاڻي کي انساني صحت، آبي توڙي جنگلي جيوت لاءِ به زهريلو قرار ڏنو ويو، رپورٽ ۾ چيو ويو ته گندي پاڻي جي فراهمي سبب ماڻهو ڪاري ڪامڻ ۽ گڙدن جي بيماري کانسواءِ ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ به مبتلا ٿي رهيا آهن

عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، درياهه کي ڊرينيج ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ اسان ڪنڌ مٿي کڻي گهمي رهيا آهيون

عدالت حڪم ڏنو ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ هيلٿ آفيسر ماڻهن کي ٻڌائين ته هي زهريلو پاڻي آهي نه پيئو

عدالت پبلڪ هيلٿ ۽ ميونسپل کاتن کي مسئلي جو حل ڳولي ايندڙ اڱاري تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

هي به پڙهندا

آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو صدر سنڌ جي پئسي تي پرڏيهي دورا نه ڪري: عدالت اسٽي جاري ڪري ڇڏيو