سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري) سنڌو درياءَ ۾ 2022ع دوران آيل چاڙهه ۽ سنڌو درياءَ جي سمنڊ ڏانهن رفتار بابت پنهنجي اخبار پاران ڪيل تحقيق دوران انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌو درياءَ  تي اڏيل پلين جون ڊزائينون ۽ دريائي پيٽ ۾ زمينداري بند   پاڻي وهڪرن ۾ رڪاوٽ جو سبب بڻيا آهن، انهن رڪاوٽن جي ڪري سکر بئراج جي هاڻوڪو وهڪرو به رڳو کاٻي پاسي ڏانهن هلندو رهيو. سکر بئراج مان پاڻي گذارڻ لاءِ 66 دروازا آهن، انگريز راڄ ۾ 1932 ع ۾ بئراج هلڻ بعد ڊزائن ۾ فالٽ جو اندازو ڪري 10 دروازا بند ڪري انهن سامهون هٿرادو ٻيٽ ٺاهيو ويو، ايئن بئراج مان ڇهه سو فوٽ پاڻي نيڪال بند ٿي ويو، 9 لک ڪيوسڪ جي ڊزائين واري بيراج مان پاڻي جي هيٺين پاسي وهڪري لاءِ باقي 3360 فوٽ رهجي ويا. هيلوڪي ٻوڏ ۾ 66 مان رڳو 20 دروازن مان پاڻي گذرندو رهيو، انهي جو مطلب ته سکر بيراج وٽان 1200 فوٽن تائين درياءَ متحرڪ انداز ۾ گذريو، اهڙي صورت  سبب مٿاهين درجي جي وهڪرن کي گذرڻ ۾ 104 ڪلاڪ لڳا، جڏهن ته 2010ع ۾ يارنهن لک 30 ڪيوسڪ پاڻي کي گذرڻ ۾ 76 ۽ 1976ع ۾ 11 لک 66 هزار ڪيوسڪ کي گذرڻ ۾ 24 ڪلاڪ لڳا هئا. وهڪرن جي رڪاوٽ جي حوالي سان ماهرن کان مليل ڄاڻ موجب ڪوٽڙي بيراج ٺهڻ بعد سکر کان ڪوٽڙِي تائين پاڻي وهڪرا پنجين ڏينهن  پهچندا هئا، بعد سکر ۽ ڪوٽڙي بيراجن وچ ۾ دادو-مورو، خيرپور-لاڙڪاڻو ۽ قاضي احمد-آمري پلون ٺاهيون ويون، جن جي ڊزائين اهڙي ڪئي وئي جو هڪ بند کان ٻي بند تائين ايپروچ روڊ ڏئي درياءَ جي گذرڻ لاءِ لنگهه رڳو سوا ڪلوميٽرن کان ڏيڍ ڪلوميٽر مس ڇڏيو ويو آهي، هڪ آبپاشي انجنيئر ٻڌايو ته سوڙهين پلن ڪري 3 وڏا مسئلا سامهون آيا آهن، پهريون  ته سکر بيراج وٽان پاڻي گذرڻ ۾ وڌيڪ وقت لڳي رهيو آهي، جنهن ڪري بيراج ۽ بندن تي دٻاءُ وڌيڪ وقت تائين رهڻ لڳو آهي، مٿان وري ڪچي مان پاڻي لهڻ ۾ دير ٿيڻ سبب لکين ماڻهو بندن تي ويٺل رهن ٿا. ٻيو ته سکر کان ويندڙ پاڻي سيوهڻ ۽ دادو جي حدن ۾ گهڻو وقت رهڻ سبب منڇر جي پاڻي جي نيڪال جو رستو بند ٿي ويو آهي، جنهن ڪري حمل ڍنڍ کان وٺي ايم اين وي، آر بي او ڊي توڙي ايف بند ۽ سپريو بند گهارن جو شڪار ٿيا، منڇر کي ڪٽ ڏيڻا پيا، انهي ڪري سنڌ جا 3 ضلعا ٻوڏ جو شڪار ٿيا آهن. ٽيون مسئلو ڪوٽڙِي بيراج تي دٻاءُ  وڌي ويو آهي، جتان چئني ڪئنالن مان پاڻي کڻڻ باوجود ڪوٽڙي بيراج وٽان لاٿ ۾ وقت لڳي رهيو آهي، انهي انجنيئر بڌايو ته ڪوٽڙي بئراج سان به سکر بئراج وارا ساڳيا مسئلا سامهون آيا آهن، بئراج جي هيٺاهين پاسي زمينداري بندن ۽ پلن جي ڪري رڪاوٽ اچي وئي آهي  مٿان وري چانڊوڪي راتين دوران جوار ڀاٽا ٿيڻ سبب سمنڊ پاڻي نٿو کڻي، جائزي دوران معلوم ٿيو ته سنڌو ۾ رڳو مٿاهين درجي واري ٻوڏ هجڻ باوجود سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن وٽ پاڻي وهڪرا 104 ڪلاڪن تائين بئراجن جي مٿانهن پاسن کان بيٺا رهيا، سکر بئراج تي 25 آگسٽ تي 5 لک 79 هزار 753 ڪيوسڪ پاڻي پهتو پر پاڻي جو وڏو نيڪال 28 آگسٽ کان شروع ٿيو، تيستائين پاڻي هزار ٻه هزار به مشڪل سان لاٿ ۾ ايندو رهيو. ڪوٽڙي بئراج وٽ 6 لک ڪيوسڪ جا وهڪرا 5 سيپٽمبر تي پهتا، انهي بئراج تان به  پاڻي نيڪال ۾ دير ٿي آهي، ڪوٽڙي جي 4 واهن ۾ ويهه هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏڻ باوجود ڪوٽڙي اپ اسٽريم ۾104 ڪلاڪن تائين لاٿ ناهي آئي.