سنڌهاءِڪورٽ ۾ عوامي مفاد جي نالي تي بليڪ ميلنگ لاءِ درخواستون داخل ڪرڻ جو انڪشاف

0
157
گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن:سنڌ هاءِ ڪورٽ جو حڪم

ڪراچي: سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ عوامي مفاد جي نالي تي بليڪ ميلنگ لاءِ درخواستون داخل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، سنڌ هاءِ ڪورٽ عوامي مفاد تحت بلڊرز خلاف درخواست داخل ڪندڙ پٽيشنر جي ڄاڻ گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

عدالت رينجرز ۽ لاڳاپيل ٿاڻي کان پٽيشنر ۽ سندس پٽ بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي، وڪيلن موقف اختيارن ڪيو ته پٽيشنر جو پٽ ذيشان اعواڻ ايف آءِ اي جو ملازم آهي،

وڪيلن موجب درخواستون داخل ڪري بليڪ ميل ڪيو وڃي ٿو، پٽيشن داخل ڪري رقم گهري وڃي ٿي ۽ رقم ملڻ بعد درخواست واپس ورتي وڃي ٿي

وڪيلن پٽيشنر خواجه محمد اعواڻ ۽ بلڊرز وچ ۾ ٿيل فون تي ڳالهه جي رڪارڊنگ به عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي آھي

عدالت پڇاڻو ڪيو ته پٽيشنر خلاف ڪيترا ڪيس دخل آهن ۽ ڪيتريون آئيني درخواستون داخل ڪرايون آهن؟

عدالت انهن معاملن کي ڏسندي ته عوامي مفاد جهڙي پر ڪشش نعري جي پويان ڪا بدنيتي ته ناهي، ڪجهه ماڻهو سستي شهرت جي لاءِ اهڙيون پٽيشنز داخل ڪرائيندا آهن

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ هاڻي رڳو ڪچيون آباديون ۽ ڳوٺ ٺهي رهيا آهن:سنڌ ھاءِ ڪورٽ