ڪوٽڙي (رپورٽر) سنڌ يونيورسٽي جي ثقافتي اداري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران پنھنجن ڇپيل ناياب ڪتاب پبليڪيشنس، قلمي نسخن ۽ تاريخي رڪارڊ جيان مختلف موقعن تي ٿيل فوٽوگرافي واري رڪارڊ کي پڻ ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر غلام مرتضي’ سيال ھڪ پڌرائي ۾ ان عزم جو اظھار ڪيو تہ سنڌالاجي ۾ محفوظ ٿيل فوٽوگرافس کي ڊجيٽائيز ڪري سنڌالاجي جي ويب پيج تي رکيو ويندو ته جيئن اھي ھر ڪنھن جي پھچ ۾ اچي سگھن. ھن چيو تہ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڇپايل ڪتابنه قلمي نسخن ۽ ڊاڪيومينٽس سان گڏوگڏ مختلف پروگرامن جون تصويرون بہ تاريخي رڪارڊ جي حيثيت رکن ٿيونه جن کي پڻ ڊجيٽائيز ڪري محفوظ ڪرڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن جديد دور ۾ هر قسم جي تاريخي رڪارڊ ۽ ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي تہ سڀ شيون ڊجيٽائيز ڪري آن لائن ڪيون وڃن.