ڄامشورو (رپورٽر) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۾ هلندڙ ڪمن جي ڪارڪردگي جي جائزي ۽ نئين ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ لاءِ اداري جي سمورن شعبن جي سربراهن جي گڏجاڻيءَ ٿي،  ڊائريڪٽر غلام مرتضيٰ سيال جي صدارت ٿيل گڏجاڻي ۾ لائبريري، ڪمپيوٽر سيڪشن، ريسرچ سيڪشن، ميوزيم، ميوزڪ سيڪشن جي سربراهن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ اداري ۾ ھلندڙ ڪمن جي جائزي وٺڻ کانپو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌالاجي ميوزڪ شعبي کي اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ ڪجهه شين کي نئين سري سان ڏٺو ويندو ۽ نوان آيٽم متعارف ڪرايا ويندا ته جيئن سنڌالاجي اهم ورثو جديد دور جي تقاضائن ۽ طرز سان ڪم ڪري سگهي، سنڌالاجي جي ويب پيج کي ڊزائن ڪرڻ لاءِ ويب ڊزائينرز سان رجوع ڪيو ويو،سنڌالاجي ميوزيم ۾ موجود مشاهيرن جي فوٽوز ۽ ٻي اهم پينٽنگس جي نمائش ڪرڻ سان گڏوگڏ ميوزيم جي مختلف نوادرات تي لڳل ڪيپشن کي نئين سر ڪمپوز ڪري اداري ۾ ھلندڙ ڊجيٽلائيزيشن جي ڪم جو پڻ جائزو ورتو ويو. ڊجيٽلائيزيشن جو ڪم سنڌالاجي ۽ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي وچ ۾ سائن ٿيل ايم او يو تحت هلندڙ آهي. هن ڪم کي اڃا به تيز ڪرڻ لاء اپاءَ ورتا ويندا ۽ ڪم جي دائري کي وڌايو ۽ تيز ڪرڻ تي غور ڪيو ويو.