“وقت پنهنجي مخصوص رفتار سان وڌندو رهي ٿو
گذريل وقت پويان يادگيريون پاڇن وانگر نظر اچن ٿيون
اهي پوري طرح پرگهٽ به نه ٿيون ٿين
۽ نه وري مڪمل طرح ختم ٿين ٿيون!!
پهاڙي ٻيلن ۾ وهندڙ ننڍڙيون ۽ ڇپيل نديون
جن جا ڪنارا پراڻن ۽ سڪل پنن سان سٿيل آهن
پکين جا آواز ۽ هوا آلاپ ۽ انهن کان اڳتي
ماڻهوءَ جو مختصر ۽ ڇپيل مقدر
۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه جيڪو بيان ڪري نه ٿو سگهجي
جڏهن موسمون تبديل ٿينديون
جڏهن گهاٽن ٻيلن مٿان برساتون پونديون
جڏهن پکين لاءِ آکيرا پڃرا بڻجي ويندا
تڏهن اسان خوابن جو پتو پڇا ڪنداسين
اسان جيڪي پاڻ به خواب آهيون………!!”
ٽي ايس ايليٽ جهڙا شاعر جڏهن فن جا بند ڀڃي وجهندا هئا، تڏهن انهن جي مٿان شاعري ايئن وسندي هئي، جيئن پهاڙي ٻيلن مٿان موسلاڌار برسات پوندي آهي ۽ اها به خاص طور تي رات جي وڳڙي. جڏهن اڪثر ستارا بادلن جي اوٽ سبب الوپ ٿي ويندا هئا. جڏهن چنڊ ڪنهن چڪور وانگر ڪنهن پهاڙ جي پول ۾ پناهه وٺندو هو ۽ کنوڻ پهاڙي چوٽيءَ سان ايئن ٽڪرائبي هئي، جيئن ماچيس جي بارودي سطح سان تيلي ٽڪرائبي آهي ۽ هڪ باهه جي ڄڀي پوري زور سان جنم وٺندي آهي.
“پنهنجي اخبار” ۽ “ٽائيم نيوز” جي سالگرهه تي مون کي اهڙا خيال ڇو ٿا اچن جيڪي هاڻي اديبن ۽ شاعرن کان به وسري ويا آهن. انهن جو سبب شايد اهو به آهي ته اسان جڏهن به ڪنهن شيءَ جي باري ۾ غور سان ويچار ڪريون ٿا، تڏهن اسان جي مٿان ماضيءَ جا ڇمر ڇلڻ لڳن ٿا. اسان ڪڏهن به پنهنجي ماضيءَ مان پنهنجو پانڌ آجو ڪرائي نه ٿا سگهون. اسان ڀلي ڪيترو به وڌي وڃون پر اسان جي جڙ پوءِ به ان جاءِ تي لڳل هجي ٿي، جتي ننڍڙي ندي پنهنجي ڌيمي رفتار سان وهندي رهي ٿي.
انسان جي هٿن ۾ تجربن کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟ اهي تجربا جيڪي ماضيءَ ۽ مستقبل جي وچ ۾ انهن رنگين ڌاڳن وانگر نظر اچن ٿا، جيڪي ڌاڳا اسان کان هر ڀيري نئين اڻت جي تقاضا ڪن ٿا. اها نئين اڻت اسان جي نئين سوچ ۽ نئين لوچ سان ڳنڍيل هوندي آهي. ماڻهو پنهنجي مخصوص رڌم سان هلندي سوچين ٿا ته هو پنهنجي ماضيءَ کي ڇڏي آيا آهن پر ماضي ڪڏهن به ڇني جدا ڪري نه ٿو سگهجي. پوءِ ڀلي اهو ماضي صحافت جو ڇو نه هجي. وقت هر شيءَ وانگر صرف سامان تبديل ڪري ٿو. وقت سدائين ساز مٽائي ٿو پر انهن ۾ موجود سر ته ساڳيا رهن ٿا. جڏهن سازن مان سر ختم ٿي وڃن ته پوءِ اسان ڪنهن شيءَ جي تڪميل سمجهون. هر شيءَ پنهنجي ارتقائي مرحلي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ۾ آهي. اها صحافت اڄ ڪاٿي ناهي، جنهن صحافت ديوارن تي جنم ورتو هو. جنهن جي ڪري مغرب جي صحافت ۾ “وال” جو تصور وجود ۾ آيو پر اها ديوار ته تمام آڳاٽي ۽ پراڻي هئي. اها ديوار ته ان مهل به هئي، جڏهن هزارين سال اڳ ماڻهو غار جي ديوار تي جهنگلي جانور جي تصوير جوڙي ٻين تائين اهو اطلاع پهچائيندا هئا ته هن ٻيلي ۾ اهڙو جانور رهي ٿو.
پهاڙن تان تير لهندڙ پاڻيءَ سبب لڙهندڙ بندن کان وٺي ميلن ۾ وڃائجي ويل ٻارن تائين انساني تهذيب ۾ جيڪي به اطلاع ميڙبا رهيا، انهن جو هڪ خاص مقصد ۽ انهن جو خاص طرف هو. انهن جو طرف سدائين منجهيل کان سلجهيل ۽ آسان طرف هو. هن وقت جڏهن ڪاغذ جو واهپو زندگيءَ ۾ گهٽجي رهيو آهي، تڏهن به انسان اطلاع جو انتظار ڪندو رهي ٿو. هڪ ڪاغذ کان وٺي ٽي وي اسڪرين تائين ۽ ڪار ۾ وڄندڙ ريڊيو کان وٺي هٿ ۾ جهليل موبائل فون تائين اسان صرف صحافت جي ٽيڪنالاجيڪل دورن تائين پاڻ کي محدود ڇو ٿا سمجهون؟ صحافت ته هڪ درياهه وانگر روان دوان آهي. حقيقي طور تي هجڻ اهو گهرجي ته اسان جهڙي طرح سائنس ۾ ترقي ڪيون ٿا ته اسان کي صحافت ۾ به ترقي ڪرڻ گهرجي پر اهو نهايت افسوسناڪ سچ آهي ته اسان وقت سان گڏ ان صحافت جي اوزارن ۾ ته تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، پر اسان صحافت جي تخليقي پڻي ۽ صحافت جي تحقيقي پڻي ۾ ڪنهن به قسم جي ترقي ڪرڻ بدران اسان جو سفر پوئتي ويندو نظر آيو آهي.
صحافت ڪجهه سائنس آهي ۽ ڪجهه آرٽ آهي. صحافت سائنس ۽ آرٽ جي گڏيل تخليق آهي. اهو ئي سبب آهي ته آرٽ صحافت کي هڪ طرح جو فارم عطا ڪري ٿو. اهو سندس منظر متوازن ڪري ٿو. جڏهن ته سائنس صحافت ۾ پنهنجي دور جي تيزي ۽ توانائيءَ سان گڏ تحقيق جو اهو پهلو شامل ڪري ٿي، جنهن کان سواءِ صحافت ڪنهن طرح سان مڪمل ٿي نه ٿي سگهي. اها صحافت تيستائين صحافت جي حيثيت کي نه ٿي پهچي،جيستائين اها صحافت پنهنجا لازمي پهلو پورا نه ٿي ڪري. اسان کي ان ڳالهه جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته جهڙي طرح سائنس ٽيڪنيڪل طرح سان ترقي ڪئي آهي، تهڙي طرح اسان جو آرٽ توڙي اسان جي صحافت پوئتي هلي وئي آهي. صحافت جو مقصد اڄ به اهوئي آهي، جيڪو ڪالهه هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سائنس جي مدد سان صحافت جي روايتن جا دائرا ٽوڙي اسان جي هٿن تائين جيڪا صحافت پهتي آهي، اها هر حال ۾ پنهنجي اڳين صحافت کان معياري آهي. ان جي مقدار ۾ واڌ اچي سگهي ٿي ۽ آئي به آهي پر ان جو معيار پهرين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو هيٺ ڪري پيو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته صحافت مان اهو جنون ختم ٿي ويو آهي، جيڪو صحافت جو ساهه هوندو هو.
اسان کي اها ڳالهه به تسليم ڪرڻي پوندي ته تحقيق جو اهو جنون سائنس جي ٻين شعبن ۾ نه رڳو موجود آهي پر اڳ کان وڌيڪ شدت سان موجود آهي. جڏهن اسان سيارن ۽ ستارن جي مٿان روبوٽڪ مشينون لهندي ڏسون ٿا. جڏهن اسان مريخ جي سطح تان هڪ ٽٻڪي جي صورت ۾ پنهنجي ڌرتي ڏسون ٿا ته اسان کي انسان جي تجسس کي سلام ڪرڻو پوي ٿو. جڏهن اسان 21هين صديءَ جي هڪ ڀيانڪ وبا سان وڙهندي هڪ نئين ويڪسين جي وجود ۾ ايندي ڏسون ٿا ته اسان کي تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي پر اها خوشي اسان کي صحافت جي شعبي ۾ ڇو نه ملي؟ اسان جڏهن پوري دنيا جي تحقيقي ۽ تخليقي اوسر کي ڏسون ٿا ته اسان کي هر شعبو سانوڻ جي درياهه وانگر پنهنجي ڏنيءَ ڪنيءَ ڇلندو نظر اچي ٿو. جيڪڏهن اسان کي ڪنهن مخصوص پاسي ڪو زوال نظر اچي ٿو ته اهو زوال آرٽ، لٽريچر ۽ صحافت جي صورت ۾ پنهنجي مسڪين مستقبل طرف رڙهندو نظر اچي ٿو. هن مهل ڪمپيوٽر هر شيءَ ۾ پنهنجي عمل دخل سان حيرت جهڙيون تبديليون آڻڻ جو سبب بڻيو آهي پر دنيا جو ڪو به روسي اديب ڪمپيوٽر جي مدد سان “وار اينڊ پيس” يا “ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ” کي وجود ۾ نه ٿو آڻي سگهي. اسان تمام گهڻي ٻولي فيڊ ڪري ڪمپيوٽر مان شاعري به ڪڍي سگهون ٿا پر اها شاعري شيڪسپيئر ۽ شاهه لطيف جهڙي هوندي؟ اسان هڪ روبوٽ جي مٿان مجسما ٺهرائي سگهون ٿا پر اهو مجسمو “ڊيوڊ” جهڙو هوندو؟
اصل آرٽ ته اهو آئي جو جنهن کي اهو ڇهي اها شيءَ ساهه کڻڻ لڳي. ان ۾ ڪا اهڙي حرڪت پيدا ٿي پئي، جنهن سبب اها دل کي وڌيڪ ڇڪي ۽ ماڻهوءَ جي موهه ۾ اضافي جو سبب بڻجي. هن وقت جڏهن اسان آرٽ، لٽريچر ۽ صحافت جي صورتحال ڏسون ٿا ته اسان کي ان جي معيار ۾ اضافو اچڻ بدران انهن ۾ وقت سان گڏ پيدا ٿي پيل ڪميءَ جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو. اسان کي ان جا سبب تلاش ڪرڻا پوندا ته جڏهن وقت سان گڏ هر شيءَ وڌيڪ اسري نسري آئي آهي ته پوءِ اسان جي صحافت ان ۾ پوئتي ڇو وري آهي؟ اسان جي لٽريچر ۾ گهٽتائي ڇو آئي آهي ۽ اسان جو آرٽ ڪالهه جي مقابلي ۾ ڪمزور ڇو ٿيو آهي؟
جڏهن اسان جديد دور جا اهي زخمن جهڙا سوال کڻي جديد عالمن ۽ استادن وٽ وڃون ٿا ته هو اسان کي مطمئن ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڳالهه کي ڳنڍ ڏيڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جڏهن ته اسان سائنس مان سدائين اهو سمجهيو آهي ته ڪنهن به طرح سان ڳالهه کي ڳنڍ ڏيڻ مسئلي جو حل ناهي. سائنس ته ڳنڍيون ڏيڻ ۾نه پر ڳنڍيون کولڻ ۾ يقين رکندي آهي. جيڪڏهن ڳنڍيون کولڻيون آهن ته پوءِ ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻو پوندو، جيڪو آرٽ، لٽريچر ۽ صحافت جي روايتي بلنديءَ جي باري ۾ آهي. جيڪڏهن اسان انهن ٽن شعبن جي سلسلي ۾ پنهنجو سوال اجايو اٿاريون ٿا ته پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي. ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي بلنديون بيحد نزديڪين سبب نظر نه اينديون آهن. پر هي سوال هاڻي کان اڳ به اٿندو رهيو آهي ۽ ڪافي شدت سان اٿندو رهيو آهي پر ان کي اطمينان بخش جواب ڪڏهن به حاصل نه ٿيو آهي. جڏهن اسان اهو سوال لطيف وٽ کڻي وڃون ٿا ته اسان کي اتان اهو ئي جواب ملي ٿو ته:
“ڪالهوڪو ڪيڏانهن ويو، سندو جوڳين جوش”
آرٽ، لٽريچر ۽ صحافت سدائين جوش مان جنم وٺندا رهيا آهن. جڏهن به جوش ختم ٿي ويندو، تڏهن اسان عظيم ادب، عظيم آرٽ ۽ عظيم صحافت مان يقيني طور تي محروم ٿي وينداسين.
ڇا اسان ادب، آرٽ ۽ صحافت جي وڃائجي ويل جوش جي تلاش ڪرڻ جا پابند ناهيون؟ جڏهن ته اسان ڄاڻون به ٿا ته ان جوش کان سواءِ اهي ٽيئي شعبا ترقي ڪري نه ٿا سگهن.