سنجهورو واسي هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندڙ پيءُ ۽ ڌيءُ ڊگري وٺندا

0
682
سنجهورو واسي هڪ ئي ڪلاس

سانگھڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگھڙ ضلعي جي شھر سنجھوري جا پيءُ ۽ ڌيءُ ھڪ ئي  ڪانووڪيشن ۾ ھڪ ئي يونيورسٽي مان ڊگري وٺندا

ميگهواڙ برادري سان تعلق رکندڙ ۽ ڊگهي عرصي تائين اکين جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ مشھور ڊاڪٽر ۽ سرجن ڊاڪٽر بيربل گيناني جنهن 2020 ۾ 60 سال پورا ٿيڻ تي سرڪاري عهدي تان رٽائرمينٽ اختيار ڪئي هئي اُن پنهنجي نياڻي سان گڏ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ايم بي اي ھيلٿ ڪيئر اينڊ هاسپيٽل مينيجمينٽ ۾ داخلا وٺي ٻن سالن تائين تعليم حاصل ڪئي جنهن بعد تعليم مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي نياڻي ڊاڪٽر سپنا ڪماري سان گڏ 18 ڊسمبر جي ڪانووڪيشن ۾ ڊگري حاصل ڪندو

لاڳيتو ٻن سالن تائين پيءُ ڌيءُ ساڳي يونيورسٽي ۾ ھڪ ئي ڪلاس روم ۾ گڏ ويهي تعليم حاصل ڪئي

ڊاڪٽر بيربل گيناني پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته رٽائر ٿيڻ کانپوءِ منهنجي نياڻي سپنا ڪماري جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ايم بي اي هيلٿ ڪيئر اينڊ هاسپيٽل مينيجمينٽ ۾ داخلا وٺڻ جو ارادو ڪيو ته هن مون کي به قائل ڪيو ۽ چيو ته تعليم حاصل ڪرڻ جي ڪا به عمر ناهي هوندي

مون به نياڻي سان گڏ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، اسان ٻنهي گڏجي ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ شروع ڪيا جنهن تي ڪيترن ئي شاگردن حيرت ۽ تعجب جو اظهار پڻ ڪيو، جڏهن ته ان عمل کي يونيورسٽي جي استادن تمام گهڻو ساراھيو

هن ٻڌايو ته منهنجا ٻه فرزند ٻاهرين ملڪ رهن ٿا، هن چيو ته عام طور تي اولاد جي تعليم مڪمل ٿيڻ تي والدين ڊگري وٺڻ مهل ڪانووڪيشن ۾ موجود ھوندا آھن پر هتي نئين ڳالهه اها هوندي ته منهنجا ٻئي فرزند پنهنجي والد جي ڊگري وٺڻ واري لمحي کي يادگار بڻائڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ کان پاڪستان ڪانووڪيشن ۾ شرڪت لاءِ ايندا