سنجرچانگ (ن پ ا) سنجرچانگ لڳ چوڌري وسيم احمد جي زرعي زمين تي ويٺل ڪولهي برادري جي پورهيت لالو ڪولهي جو ٻن ورهين جو پٽ هريش راند ڪندي گهر جي پاسي ۾ پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي ويو، وارث پهچي نينگر کي پاڻي جي کڏ مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن پاران نينگر جي موت جي تصديق ڪئي وئي، جنهن بعد وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.