لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) هندو پنچائت لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي گڏجاڻي ڌرم شالا لاڙڪاڻو ۾ سيٺ سنتوش ڪمار پنجاڻي جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ضلعن جي سمورن تعلقن جي مکي شرڪت ڪندي ايندڙ پنجن سالن لاءِ نئين باڊي چونڊ ڪئي. جاري ڪيل پڌرائي موجب ڊسٽرڪٽ هندو پنچائت لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ لاءِ صدر سيٺ سنتوش ڪمار پنجاڻي، سينيئر نائب صدر ليکراج موٽو مل، نائب صدر مهراج رميش لال، جنرل سيڪريٽري لوڪ چند، جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر شمن لال ڪٽيار، صلاحڪار ايڊووڪيٽ ڪلپنا ديوي ۽ خزانچي نانڪ رام بجاج کي مقرر ڪيو ويو جن کي هندو برادري جي معززن گلن جا هار پارائي مبارڪباد پڻ ڏني. گڏجاڻيءَ ۾ انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت وقت کان مطالبو ڪيو ويو ته نابالغي ۾ جبري مذهب جي تبديلي روڪي پاڪستان جي آئين جي پاسداري ۽ انساني حقن جو احترام ڪيو وڃي ۽ هتان جي اصلوڪي اقليتي برادري ۾ خوف، ڳڻتيءَ ۽ غير محفوظ هجڻ جي تاثر کي ختم ڪري فوري طور تدارڪ ڪيو وڃي.