سميع خان به ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو

0
421

لاهور: (شوبز نيوز) پاڪستان شوبز انڊسٽري سان لاڳاپيل اداڪار سميع خان ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.سميع خان انسٽاگرام ذريعي پنهنجي مداحن کي ڪورونا ۾ مبتلا هجڻ جي اطلاع ڏني. اداڪار گذريل ڏينهن قرآني آيت ترجمي سان گڏ شيئر ڪندي پوسٽ لکي آهي جنهن ۾ لکيو آهي ته اڄ منهنجو ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آيو آهي ۽ مان گهر ۾ ئي پاڻ کي قرنطينه ڪري ورتو آهي.سميع خان پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته الله اسان سڀني کي بهترين شفا سان نوازي(آمين) اوهان جي نيڪ خواهشن ۽ دعائن جي ضرورت آهي.ياد رهي ته سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به ڪورونا جي ٽئين لهر سبب ڪيسز جي انگ ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي
جڏهن ته پاڪستان شوبز انڊسٽري جا ڪيترائي اداڪار به هن وبا ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.