بئنگلور (انٽرسٽنگ نيوز) ڀارتي ميڊيا موجب بئنگلور شهر سان تعلق رکندڙ جوڙي سموسا وڪڻي ڪروڙين رپيا ڪمائي مثال قائم ڪري ڇڏيو آهي. نڌي سنگهه ۽ شيکر وير سنگهه پنهنجي سموسن جو بزنس هڪ ننڍي دڪان سان 2016ع ۾ شروع ڪيو، ٻنهي ان بزنس جي لاءِ پنهنجون سٺيون نوڪريون ڇڏي ڏنيون، جتان هنن کي لکين رپيا پگهار ملندي هئي. ٻنهي پنهنجي برانڊ جو نالو سموسه سنگهه رکيو ۽ جوڙي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته صاف صفائي سان گڏوگڏ سموسا وڪرو ڪيا ويندا. ان کان سواءِ آلو، قيمي، سبزين کان علاوه به هنن ٻيا ڪيترائي سموسا متعارف ڪرايا. انهن سموسن ۾ چاڪليٽ سموسا، پنير سموسه، باربي ڪيو سموسن سميت مختلف قسمن جا سموسا شامل هئا. ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سموسه سنگهه هر مهيني 30 هزار سموسا وڪڻندو آهي ۽ ان مان هي جوڙو سالانو 45 ڪروڙ ڀارتي رپيا ڪمائيندو آهي، جيڪي تقريبن ڏهاڙي جي حساب سان 12 لک رپيا ٿين ٿا. شروعات ۾ ٻنهي جڏهن بزنس شروع ڪيو ته نڌي ان جي مارڪيٽنگ جو ڪم شروع ڪيو ۽ مختلف ڪمپنين ۾ فون ڪري پنهنجي برانڊ کي متعارف ڪرايو. ندي جي ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو هن کي 80 هزار سموسن جو آرڊر ڏنو ويو جنهن لاءِ هن کي هڪ وڏي ڪچن جي ضرورت هئي ۽ گڏوگڏ ڪجهه ورڪرز جي به، جنهن لاءِ ٻنهي وڏو قدم کنيو ۽ پنهنجو گهر وڪڻي ڇڏيو.