سموري سنڌ ۾ سومر کان  100 سيڪڙو حاضري سان گڏ اسڪول کوليا ويندا

0
247
تيز برساتن سبب لاڙڪاڻي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت پاران 12 سالن کان 18 سالن تائين جي شاگردن کي به ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين لڳائڻ جو فيصلو،

تعليم کاتي ۽ صحت کاتي جي اختيارين لاڳاپيل اختيارين ڏانهن حڪومتي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ خط لکي ڇڏيو، 31 آڪٽوبر تائين 12 سالن کان 18 سالن تائين جي شاگردن جو ويڪسين وارو عمل مڪمل ڪرڻ جي هدايت،

11 آڪٽوبر کان سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ حاضري به 100 سيڪڙو لازمي قرار ڏني وئي آهي. ان حوالي سان ڪالهه صحت کاتي جي ڊي جي پاران سمورن ڊائريڪٽرن ۽ ڊي ايڇ اوز کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته 12 کان 18 سالن جي شاگردن کي 100 سيڪڙو ويڪسين يقيني بڻائي وڃي،

صحت کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل  پاران لاڳاپيل ڊائريڪٽرن ۽ ڊي ايڇ اوز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صرف فائيزر ويڪسين لڳائي وڃي ۽ شاگردن کي ويڪسين لڳائي انهن جي ڊيٽا والدين ۽ اسڪول جي نالي ۽ رابطي نمبر سان رڪارڊ ڪئي وڃي.

شاگردن کي ويڪسين واري عمل جي نگراني ڊاڪٽر ثمرين جي حوالي ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيويٽ اسڪولز پاران پڻ صوبي جي سمورن خانگي اسڪولن جي انتظاميا ڏانهن خط لکي کين پابند بڻايو ويو آهي ته اسڪولن ۾ 12 سال کان 18 سالن تائين جي شاگردن کي ويڪسينشن واري عمل ۾ شامل ڪرڻ لاءِ صحت کاتي جي ٽيمن سان سهڪار ڪيو وڃي. ۽ روزانو جي بنياد تي ويڪسينيشن واري عمل جي رپورٽ اماڻي وڃي.

ٻئي پاسي اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي اختيارين پاران اين سي او سي جي فيصلي تحت 11 آڪٽوبر کان صوبي جي سمورن خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ شاگردن جي 100 سيڪڙو حاضري لازمي قرار ڏني وئي آهي، سيڪريٽري تعليم کاتي جي هدايت بعد جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 11 آڪٽوبر کان اسڪولن ۾ 100 سيڪڙو حاضري رهندي،

ڄاڻايل نوٽيفڪيشن ۾ اسڪولن جي انتظاميا کي پابند بڻايو ويو آهي ته 31 آڪٽوبر تائين 12 سال کان 18 سالن تائين جي شاگردن جي ويڪسينينشن وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي. ان بعد جن اسڪولن ۾ شاگردن کي ويڪسين نه ٿيل هوندي ان اسڪول جي انتظاميا خلاف ڪاروائي ڪندي ڏنڊ لڳايو ويندو.