عمران خان ڀلي رڙيون ڪري، آرمي چيف جي مقرري وزيراعظم ڪندو: فضل الرحمان

0
501

شڪارپور/لاڙڪاڻو (نمائندن وٽان) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عمران خان امپورٽيڊ چور آهي، سندس گهيراءُ ٿيڻ گهرجي، جيڪو پاڻ غلام هجي، اُهو قوم کي ڪهڙي آزادي ڏياريندو

مولانا فضل الرحمان پاران لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ ميڊيا سان ڳالھيون ڪيون ويون، ھن جو چوڻ ھو تھ عمران خان ڀلي رڙيون ڪري، آرمي چيف جي مقرري آئين تحت ٿيندي ۽ فيصلو وزيراعظم ڪندو

Imran khan PTI Jalsa in Bhakkar 12-April-2012

پنجاب حڪومت ڪمزور آهي، اها شايد پلٽي وڃي،اسان قوم کي غلامي واري سوچ کان آزاد ڪنداسين، مولانا فضل الرحمان لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان به ورهايو

الله ڄاڻي سنڌ جي زمينن ۾ ڪيستائين  پاڻي رهندو ۽ ڪڏهن فصل پوکڻ جي قابل ٿينديون، سموريون جماعتون سياسي اختلاف وساري ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي مدد ڪن

As new rains threaten, Pakistan may flood villages to save a city - CSMonitor.com

جي يو آءِ سربراھ مولانا فضل الرحمان موجب حڪومت وسيلا ڪتب آڻي رهي  آهي، ٻين ملڪن کان به مدد ورتي  پئي وڃي، سموري دنيا جا ملڪ گڏجي به  پاڪستان ۾ ٿيل تباهي جو ازالو نٿا ڪري سگهن

هڪ پارٽي جو سربراهه روز جلسا ڪري چوي ٿو ٻوڏ ملڪ جو مسئلو ناهي، هڪ شخص چوي ٿو ٻوڏ ايندي رهندي  آهي، اڳتي توهان جون زمينون سٺا  فصل ڏينديون

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ بعد ڪجهه ماڻهو پنهنجا ڪم ڪار ڇڏي امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن: مراد علي شاهه

نئون ديرو ۾ متاثرن لاءِ آيل ٽينٽ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف