اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سموري اپوزيشن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلندس، حڪومت کي ڏکيائيون ٿيون ته اُن جو به آواز بڻجنداسين، سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن ليڊر يوسف رضا گيلاني جو پهريون خطاب، يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته اسان نوڪري پيشه نه آهيون، عوامي مفادن لاءِ هتي آيا آهيون ۽ عوام جي ترجماني ڪرڻ اسان جو فرض آهي، پي ڊي ايم اتحاد آئين جي حڪمراني ۽ عوامي حقن لاءِ ٺهيو هو، اسان اُن لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.