ڪراچي: سروسز کاتي جي اختيارين سمورن کاتن کان ڊپٽي سيڪريٽرين توڙي سپرنٽنڊنٽس جي خالي جاين جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن. ان حوالي سان سروسز کاتي جي اختيارين پاران سمورن کاتن جي سيڪريٽرين کي خط لکي هدايت ڪئي وئي آهي ته سندن کاتن ۾ ڊپٽي سيڪريٽرين ۽ سپرينٽنڊنٽس جي خالي پيل جاين جا تفصيل اماڻيا وڃن.