سمورا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن

0
136
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ جمهوريت آهي اتي ملڪ جي حوالي سان جيڪي به فيصلا ٿيندا آهن اهي پارليامينٽ وسيلي ڪيا ويندا آهن. پر جمهوريت کانسواءِ ڪميونزم ۾ به فيصلن جو اختيار پارليامينٽ کي ئي هوندو آهي رڳو بادشاهت ئي اهڙو نظام آهي جتي سمورن فيصلن جو اختيار هڪ شخص وٽ هوندو آهي. ٻيو آمريت آهي جتي وري فيصلا هڪ ادارو ڪندو آهي، جنهن کي عوام جي سوچ جي ڪا به پرواهه نه هوندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ به پارلياماني جمهوري نظام قائم آهي جنهن ۾ ڪتابي طور ڏٺو وڃي ته سموري سگهه پارليامينٽ وٽ هوندي آهي. اسان جي ملڪ جو آئين به اهائي تقاضا ڪندو آهي. پر اسان جي تاريخ شاهد آهي ته آئين ۽ قانون يا اخلاقيات جون گهرجون جيڪي به هجن پر ٿيندو ان جي ابتڙ ئي رهيو آهي. اسان وٽ پارليامينٽ کي فيصلن جو اختيار مليو ئي نه آهي. پر صفا اوندهه به نه آهي اسان وٽ به پارليامينٽ پاڻ کي اثرائتي بڻائي  رهي آهي ۽ فيصلن جو اختيار حاصل ڪري رهي آهي.

ڪو دور هو جو دفاعي بجيٽ کي پارليامنٽ کان ٻاهر رکيو ويندو هو پر وري اهڙو دور آيو جو هڪ لائنر بجيٽ پيش ڪئي ويندي هئي پوءِ وري ان ۾ تفصيل به پيش ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. هاڻ مڪمل تفصيل پارليامنٽ ۾ پيش ڪيا ويندا آهن اها ٻي ڳالهه آهي جو انهن تفصيلن کي عوام تائين پهچڻ کان روڪڻ لاءِ اڻ اعلانيل پابندي لڳل آهي. ان دور ۾ هاڻ وري خبر آئي آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ پارليامنٽ جي قومي سلامتي ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو آهي جنهن ۾ افغانستان ۾ ٿيل پابندي پيل ٽي ٽي پي سان ڳالهين بابت آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ بريفنگ ڏني. ان بعد وفاقي گهرو وزير بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون امن لاءِ ۽ آئين تحت ٿينديون. اهي ڳالهيون پارليامينٽ جي گائيڊ لائنز موجود ٿينديون. پارليامينٽ ميمبرن کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ جلد پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرايو ويندو. آيل خبرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اجلاس کي ان سموري پسمنظر کان آگاهه ڪيو ويو جنهن ۾ اهي ڳالهيون شروع ٿيون، اهو به ٻڌايو ويو ته ڳالهين ۾ حڪومت جي قيادت ۾ سول ۽ فوجي نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽي ڳالهيون ڪري رهي آهي. اجلاس کي پاڪ- افغان سرحد جي معاملن تي به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ رياستي عملداري، امن جي بحالي ۽ معمول جي زندگي جي واپسي کي يقيني بڻايو ويو آهي پاڪستان جي ڪنهن به حصي ۾ منظم دهشتگردي جو ڪو ڍانچو موجود نه آهي.

اسان کي ان ڳالهه جي خوشي ٿي رهي آهي ته هن معاملي کي آخرڪار پارليامينٽ ۾ آندو ويو آهي، نه ته اڳ ۾ اهڙو مطالبو ڪندي ئي ماڻهن جا ڏوهه ڏڪندا هئا. پر بهتر اهو آهي ته بجاءِ ان جي جو پهرين ڳالهيون شروع ڪري پوءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي پر ڳالهين جي معاملي سميت ڪنهن به ڳالهه ۽ عمل جي شروعات ئي پارليامينٽ کان منظور وٺڻ کان ڪئي وڃي. پهرين منصوبو پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي پوءِ ان تي بحث ڪرائي ان تي سموري راءِ کي عوام جي آڏو آندو وڃي پوءِ جيڪا راءِ جڙي ان موجب ان معاملي کي اڳتي وڌايو وڃي، روڪيو وڃي يا وري ان تي ڪنهن راءِ کي جوڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي. اهائي جمهوريت جي ڪاميابي، خوبصورتي ۽ پارليامينٽ جي بالادستي سان گڏ ملڪ جي بقا جي به راهه آهي.