سمنڊ ۾ ٻن ٻيڙين ۾ ٽڪر سبب ٻڏي ويل 10 مهاڻن مان 9 کي بچايو ويو، هڪ جي ڳولا جاري

0
1082
سمنڊ ۾ ٻن ٻيڙين ۾ ٽڪر

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي لٺ بستي ويجهو ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 10 مهاڻا ٻڏي ويا، جن مان 9 کي بچايو ويو آهي، جڏهن ته هڪ نوجوان اڃا تائين گم آهي

مهاڻن موجب هو معمول موجب مڇي جو شڪار ڪري رهيا هئا ته سندن هوڙي جي انجڻ خراب ٿي وئي، ٿوري دير بعد هڪ ٻي هوڙي جو ٽڪر ٿيو، حادثي ۾ 10 مهاڻا ٻڏي ويا، جن مان 9 کي موقعي تي ئي بچايو ويو، پر هڪ نوجوان ٻڏي وڃڻ بعد لاپتا آهي

مهاڻن جو چوڻ هو ته ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا لاءِ فشريز کاتي کي اطلاع ڏنو پر هنن ڪو به جواب نه ڏنو. هن چيو ته غوطاخور ئي نوجوانن کي ڳولي سگهن ٿا پر فشريز انتظاميه اڃا تائين ڪو به کين ناهي موڪليو

ماهيگيرن مطالبو ڪيو آهي ته ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ۽ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي

ھي به پڙھندا

سُپريو بند کي گهاري بعد ڪي اين شاهه شهر ٻڏڻ جو خطرو

ڀان سيد آباد لڳ ٻيڙي اونڌي: 10 ڄڻا ٻڏي فوت