برن (دلچسپ خبرون) سمنڊ جي سطح کان ساڍا 3 هزار فوٽ جي بلندي ريلوي اسٽيشن تعمير، انجنيئرنگ جو شاهڪار مثال بڻجي وئي، سوئٽزرلينڊ جو ينگ فراوءُ ريلوي اسٽيشن ڪوهه ايلپس ۾ واقع آهي، هي ريلوي اسٽيشن سامونڊي سطح کان تقريبن ساڍا 3 هزار ميٽر جي بلندي تي تعمير ڪيو ويو آهي، جنهن کي شاهڪار فني خيال ڪيو وڃي ٿو، پرڏيهي ميڊيا موجب آگسٽ 1893ع ۾ سوئس صنعتڪار اڊولف گوئر سيلر دليراڻو فيصلو ڪيو ته ريلوي ٽريڪ مڪمل ڪيو وڃي، جيڪو ڪوهه ايلپس جي بلند چوٽي تائين وڃي.