ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته قومي ٽيم جي ڪوچنگ آن لائين ڪيئن ٿيندي. شاهد آفريدي چيو ته مونکي علم نه آهي ته پي سي بي جو ان حوالي سان ڪهڙو پلان آهي پر قومي ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچ ئي ڇو ضروري آهي؟ ملڪ ۾ ئي اهڙا ڪوچ آهن جيڪي ٽيم کي سٺي انداز ۾ ليڊ ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ملڪي ڪوچز جي حوالي سان تاثر آهي ته اهي سياست ۾ پئجي ويندا آهن پر اهڙا ڪرڪيٽر به آهن جيڪي ان کي وڏي ذميواري سمجهندا آهن. هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪرڪيٽ کي سياست کان الڳ ڪري مضبوط ۽ وڏا فيصلا ڪندا ته ملڪي ڪرڪيٽ اڳتي وڌندي.