سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جو قانون رڳو انگريزي ۾ ڇو آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0
254
قانون رڳو انگريزي ۾ ڇو آهي
سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسان جو قانون رڳو انگريزي ۾ ڇو آهي؟ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فيڊرل جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته عورتن خلاف ڏوهه ختم ڪرڻ لاءِ عورتن جي عزت ڪرڻ به لازمي آهي

اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪانفرنس کي خطاب دوران جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اعتراف ڪيو ته کيس عورتن جي موضوع تي گهٽ ڳالهائڻ ايندو آهي

هن چيو ته اسان جا سمورا قانون انگريزي ۾ آهن، قانون ٻن ٻولين ۾ ڇو نٿا ٿي سگهن، اها ڳالهه اڄ تائين سمجهي نه سگهيو آهيان

ڪانفرنس کي خطاب ۾ جسٽس رٽائرڊ قاضي امين جو چوڻ هو ته جنسي زيادتي جي 75 سيڪڙو واقعا رپورٽ ئي ناهن ٿيندا، جنسي زيادتي وارن ڪيسن جو ٽرائل جلد ٿيڻ گهرجي