ڪراچي(رپورٽ: فقيرسليم ) سنڌ جي سڄاڻ ڌرين وڌندڙ صنفي اڻبرابري ۽ پيڙهيل طبقي کي وڌيڪ پوئتي ڌڪڻ تي ڳڻتي  ظاهر ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته عورتن، ٻارن، اقليتن، کدڙن فقيرن ۽ سماج جي پٺتي پيل طبقن لاءِ ڪيل قانونسازي تي فوري طور عمل ڪرايو وڃي، ڪالهه مقامي هوٽل ۾ نيشنل ڪميشن آن دي اسٽيٽس آف وومين پاران ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي ليبر واري وزير سعيد غني چيو ته اسان جي سماج ۾ سمورن شعبن جي پنهنجي اهميت آهي. پرنٽ ميڊيا، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽  سوشل ميڊيا سماج ۾ وڏي پيماني تي تبديليون آڻي سگهن ٿا. هن چيو ته سماج ۾ خرابين جو وڏو سبب تعليم جو فقدان پڻ آهي، ڪميشن جي سربراهه نيلوفر بختيار چيو ته  اسان وٽ پيڙھيل طبقن،  عورتن،  ٻارن ، کدڙن فقيرن ۽  اقليتن لاء قانونسازي ته ٿيل آھي پر انهي تي عمل نٿو ٿئي، ھيٺئن سطح تائين قانون جي پھچ ۽ عملداري پوليس،  قانون نافذ ڪندڙ ادارن،  عدليه، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا ذريعي ممڪن آهي، صنفي اڻبرابري ۾ پاڪستان دنيا ۾ ٻئي نمبر  تي آهي، ان موقعي تي نامياري صحافي ڪمال صديقي ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا، هوڏانهن سعيد غني هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي چيو ته عمران خان پاران  اسلام آباد ۽ راولپنڊي ڏانهن مارچ ڪرڻ لاءِ مختلف تاريخون ڏنيون آهن، عمران خان روزانو تاريخون بدلائي رهيو آهي، آرمي چيف جي مقرري بعد عمران نيازي جو کيل ختم ٿي ويندو، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته مڪاني چونڊون ٿين.