سليڪٽيڊ کي عوام مٿان مڙهيندڙن ملڪ ۽ پنهنجي اداري کي نقصان پهچايو: مريم نواز

0
249

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نون ليگ جِي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان صاحب! اوهان جو ۽ سليڪٽرجو بيانيو منهن ڀَرزمين تي ڪري پيو آهي، اڳوڻي وزير اعظم ڪنهن اداري تي تنقيد نه ڪئي هئي، اهو وقت پري ناهي جڏهن ادارا نواز شريف جي بيانيي تي هلندا، آزاد ڪشمير جي علائقي ليپه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته عمران خان کي مشورو آهي ته هاڻ وڌيڪ ظلم بدران پنهنجي اعمالن تي معافي وٺي، نيب نيازي ڳٺ جوڙ سبب اپوزيشن انتقام جو نشانو بڻجي رهي آهي، هن چيو آهي ته مون کي وادي نيلم ۾ پاڪ فوج جا جوان نظر آيا، مون کي پاڪ فو ج جي وردي ۾ بيٺل هر ٻار تي ڏاڍو پيار آيو، مان انهن کي سلام ڪيو ۽ انهن مون کي سيلوٽ ڪيو، هي پنهنجي گهرن کان پري پهرو ڏئي رهيا آهن، اسان جي حفاظت ڪري رهيا آهن، هن چيو ته فوجي جوانن جون پگهارون نواز شريف جي دور ۾ وڌيون، عمران خان جي دور ۾ فوجي جوانن جون پگهارون نه وڌيون، ڪجهه ماڻهو ذاتي مفادن خاطر نواز شريف جي خلاف پروپيگنڊه ڪن ٿا، پر نواز شريف جو دشمن به ان جي حب الوطني جي گواهي ڏئي ٿو. هن چيو آهي ته عمران خان 3 سالن ۾ پاڪستان جي ترقي کي ريورس گيئر لڳايو آهي، عمران خان کان پڇو ته ڇا تون فاروق حيدر جي ترقي کي به ريورس گيئر لڳائڻ آيو آهين، هن چيو آهي ته منهنجو مشورو آهي ته عمران خان وڌيڪ ظلم ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجو اعمال نامي جي طرف ڏسي، آزاد ڪشمير ۾ ووٽ گهرڻ جي بجاءِ نماز پڙهه ۽ الله کان معافي گهر، پاڪستان ۽ ڪشمير جو عوام کان معافي وٺ.