سليڪشن جي ٻٽي معيار تي اعتراض، بلوچستان جي ڪرڪيٽرن کي کيڏڻ جو حق ناهي؟: راشد لطيف

0
226
سليڪشن جي ٻٽي معيار تي

لاهور(اسپورٽس نيوز) راشدلطيف چيو آهي ته بابراعظم شان مسعود کي ته اوپنر هئڻ سبب چونڊ نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي پر ٻئي ڏينهن ئي محمد حارث کي مڊل آرڊر بيٽر طور تي ويسٽ انڊيز خلاف ون ڊي ميچ ۾ شامل ڪري ورتو

هن چيو ته محمد حارث پي ايس ايل ۾ اوپنر طور بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو هو. راشد لطيف چيو ته ڪپتان هڪ طرف چوي ٿو اوپنر مڊل آرڊر ۾ نٿو کيڏي سگهي، ٻئي طرف ان جي خلاف فيصلو ڪري ٿو

مونکي اهڙي سوچ پسند نه آئي اهو قطعي طور تي مناسب رويو ناهي. اڳوڻي ڪپتان چيو ته ٽيم جي چونڊ ٿيندي ئي هر ڪنهن جو ڪردار هوندو آهي، ڪاميٽي پهريان ئي پليئنگ اليون بڻائي وٺندي آهي، ان جو مطلب ٿيو ته محمد حارث کي پهريان ئي ٽيم جو حصو بڻايو ويو هو

راشد لطيف چيو ته حسيب الله بلوچستان لاءِ بهترين پرفارم ڪيو انڊر 19 ۾ 2 سينچريون ٺاهيون، اهو وڪيٽ ڪيپر به آهي، ڇا بلوچستان جي ڪرڪيٽرن کي پاڪستان لاءِ کيڏڻ جو حق حاصل ناهي