ملير: پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي موجب پي ٽي آءِ اڳواڻ بلال غفار ملير جي علائقي غازي ٽائون جي يوسي ۾ پولنگ ڪيمپ تي ويو، جتي پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سليم بلوچ ۽ سلمان مراد جي ماڻهن مٿس حملو ڪيو. هن چيو ته بلال غفار سان گڏ جسٽس (ر) رانا شمسي تي پڻ حملو ڪيو، جيڪو به زخمي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي سوچيل سمجهيل سازش هيٺ حملو ڪيو آهي ته جيئن پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو ڌيان جهيڙي طرف وڃي ۽ اهي آساني سان ڌاندلي ڪن. هن چيو ته ملير جي قومي تڪ تي ڌاندلي ڪئي وئي، پ پ وارا پهنجن غنڊن جي مدد سان پولنگ اسٽيشن تي ٺپا لڳائي رهيا هئا، پوليس ملير ۾ قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي