حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) احتساب عدالت نيب پاران سليم باجاري خلاف جاچ بابت نئين آرڊينينس تحت کين جاچ جي طريقيڪار بابت تفصيل فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران وڏي وزير جو پرائيويٽ سيڪريٽري سليم باجاري وڪيل عشرت علي لوهر معرفت پيش ٿيو. وڪيل آگاهي ڏني ته کين نيب ۾ ترميم کانپوءِ قانوني مونجهارا آهن ان لاءِ پهرين اهو طئي ڪيو وڃي ته نئين قانون تحت نيب سليم باجاري خلاف جاچ ڪري سگهي ٿي يا نه؟ جڏهن ته ڪافي عرصي کان نيب رڳو انڪوائري جي ڳالهه پئي ڪري پر جاچ مڪمل نه ڪري سگهي آهي. نيب نئين قانون تحت هاڻي اهو ڪيس ئي نه ٿي هلائي سگهي ڇاڪاڻ ته 50 ڪروڙ کان گهٽ الزام يا ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن خلاف جاچ جو اختيار اينٽي ڪرپشن سميت لاڳاپيل عدالتن کي ملي ويو آهي، جيڪڏهن ٿوري دير لاءِ مڃي به وٺجي ته نيب پاران الزامن ۾ ڄاڻايل سمورا اثاثا سليم باجاري جا آهن پر اهي به 50 ڪروڙ رپين جي ماليت جا نه آهن ان لاءِ عدالت نيب کي پابند بڻائي ته هو نئين قانون جا تفصيل فراهم ڪرڻ بعد جاچ کي حتمي شڪل ڏي. عدالت نيب پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان جي جاچ ڪٿي پهتي آهي. نيب مهلت جي اپيل ڪئي.عدالت دليل ٻڌڻ بعد نيب کي حڪم ڏنو ته هو 26 نومبر تي سليم باجاري خلاف هلندڙ جاچ بابت نئين قانون جا تفصيل فراهم ڪري. هلندڙ سال نيب وڏي وزير جي پرائيويٽ سيڪريٽري سليم باجاري خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ جو الزام هڻي جاچ شروع ڪئي هئي ۽ جاچ دوران نيب پاران پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس ملڻ بعد سليم باجاري احتساب عدالت پهچي گرفتاري کان اڳ واري حفاظتي ضمانت منظور ڪرائي هئي.