سليمان لاشاري قتل ڪيس ۾ 4 پوليس اهلڪارن سميت 5 جوابدارن کي جنم ٽيپ

0
269
سليمان لاشاري قتل ڪيس
سليمان لاشاري قتل ڪيس ۾ 4 پوليس اهلڪارن سميت 5 جوابدارن کي جنم ٽيپ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سليمان لاشاري قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مک جوابدار سلمان ابڙو ۽ چئن پوليس اهلڪارن کي جنم ٽيپ جي سزا  ٻڌائي ڇڏي آهي

سليمان لاشاري کي 8 سال اڳ ڪراچي ۾ سندس گهر ٻاهران گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت لاڳيتو ڪيس جي ڪارروائي هلائي رهي آهي

عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مک جوابدار سلمان ابڙو، پوليس اهلڪارن ياسين جمالي، عمران علي، مقبول بروهي ۽ محمد راشد کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته جوابدارن مٿان هڪ هڪ لک رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي

پوليس موجب او ليول جي شاگرد سليمان لاشاري کي 8 مئي 2014 ع سندس گهر ٻاهران فائرنگ قتل ڪيو ويو هو، درخشان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو

ڪيس جو مک جوابدار سلمان ابڙو ايس ايس پي غلام سرور ابڙو جو پٽ آهي