ممبئي(شوبز نيوز) مشهور ڀارتي ڳائڻي سونا موهاپاتراانڪشاف ڪيو آهي ته بالي ووڊ اداڪار سلمان خان تي تنقيد ڪرڻ تي کيس ريپ ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون. گلوڪارا انڪشاف ڪندي چيو ته جڏهن مان سلمان خان تي تنقيد ڪئي هئي تڏهن مداحن طرفان کيس سخت ردعمل جو منهن ڏسڻو پيو هو ۽ ريپ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون هيون. سوناموهاپاترا وڌيڪ چيو ته جڏهن سلمان پنهنجي فلم ” ڀارت “ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندي شادي لاءِ پرڏيهه وڃڻ تي پريانڪا چوپڙا تي تنقيد ڪئي هئي ته ان وقت به مون پريانڪا جي حمايت ڪئي هئي ۽ تڏهن به مونکي انتهائي سخت ردعمل کي منهن ڏيڻو پيو هو. سوناموهاپاترا چيو ته سوشل ميڊيا تي مون تي تنقيد ڪئي وئي ۽ قتل جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. گلوڪارا  ٻڌايو ته ان دوران اجتمائي لڄالٽ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ فحش مواد وارين ويب سائيٽ تي منهنجون ايڊٽ ڪيل تصويرون پڻ لڳايون ويون. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اهو وقت مون لاءِ ۽ منهنجي ڪٽنب لاءِ انتهائي تڪليف وارو هو، اسان کي سڀني کي ان دوران انتهائي ڀوائتي صورتحال مان گذرڻو پيو. ياد رهي ته سلمان خان 2016ع ۾ پنهنجي فلم ” سلطان “ جي مشهوري مهم دوران چيو هو ته هو فلم جي شوٽنگ کانپوءِ ائين محسوس ڪري رهيو آهي جيئن جنسي زيادتي کانپوءِ ڪنهن عورت جي ڪيفيت هوندي آهي. جنهن کانپوءِ سندس مٿان سخت تنقيد ڪئي وئي هئي.