سلمان خان ڪترينه ڪيف جي شادي ۾ شرڪت ڇو نه ڪندو؟

0
520

ڪراچي(م ڊ) بالي ووڊ اداڪار وڪي ڪوشال ۽ اداڪارا ڪترينا ڪيف جي شادي جون خبرون ڀارتي ميڊيا ۾ گردش ڪري رهيون آهن، پر هاڻ ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته سلمان خان پنهنجي اڳوڻي دوست اداڪاره ڪترينا ڪيف جي شادي ۾ شرڪت نه ڪندو

ڀارتي ميڊيا ڪترينا جي شادي ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو سبب سلمان خان جي مصروف ترين شيڊيول کي قرار ڏنو آهي، چيو ٿو وڃي ته سلمان خان جي فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ ڊسمبر ۾ ٿيندي، اهوئي سبب آهي جو شوٽنگ ۽ شادي جي تاريخن تضاد جي ڪري سلمان خان ڪترينه ۽ وڪي جي شادي ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو

ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان طرفان هن حوالي سان ڪو به باضابطا طور اعلان ناهي ڪيو ويو ۽ ڪترينا ۽ وڪي جي شادي جي حوالي سان ڪو به باضابطه طور اعلان سامهون نه آيو آهي، پر  ڀارتي ميڊيا جي دعويٰ آهي ته وڪي ۽ ڪترينا جي شادي جون تياريون راجسٿان جي رائل سڪس سينس فورٽ هوٽل ۾ جاري آهن، شادي جي تقريبون 7 ڊسمبر کان 12 ڊسمبر تائين رهنديون ۽ شادي جي لاءِ هوٽل ۾ بڪنگ به ڪرائي وئي آهي، شادي جي مرڪزي تقريب جانا محل ۾ ٿيندي

ھي به پڙھندا

ڪترينا ڪيف شادي جي افواهن تي حيران، تاريخ ۽ هنڌ به سامهون اچي ويا