ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ اسٽار سلمان خان کي اي ميل تي قتل جي ڌمڪي موڪليندڙ نوجوان کي راجسٿان مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان کي ٽي ڏينهن اڳ هڪ اي ميل وصول ٿي هئي جنهن ۾ چيو ويو هو ته مان سڌو موسيٰ والي جيان سلمان خان کي به قتل ڪري ڇڏيندس. اي ميل ۾ وڌيڪ چيو ويو هو ته گينگسٽر گولڊي برار هاڻي سلمان خان سان آمهون سامهون ڳالهين جو فيصلو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ايئن نه ٿيو ته سلمان خان کي قتل ڪيو ويندو. ڌمڪي واري اي ميل تي ڪارروائي ڪندي ڀارتي شهرن جوڌ پور ۽ ممبئي جي پوليس گڏيل آپريشن ۾ جوابدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ممبئي پوليس جوابدار کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي. پوليس موجب سلمان خان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندڙ نوجوان جو نالو ڌاڪا درم آهي ۽ هن جي عمر 21 سال آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کان جاچ ڪري رهيا آهيون.