سلمان خان ڀاڻيجي عليزي کي بالي ووڊ ۾ انٽري ڏياريندو

0
317
سلمان خان ڀاڻيجي عليزي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ سلطان سلمان خان پنهنجي ڀاڻيجي عليزي کي بالي ووڊ ۾ انٽري ڏيارائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب عليزي جلد رومانوي فلم ۾ ڪردار نڀائيندي جڏهن ته  فلم سلمان خان پاڻ پروڊيوس ڪري رهيو آهي

ڀارتي ميڊيا اها به دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪار سلمان خان پنهنجي ڀاڻيجي جي باضابطا ٽرييننگ به شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته فلم جي شوٽنگ ايندڙ سال شروع ٿيندي ۽ 2023 ۾ رليز ٿيندي.